ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميري ٽائيم يعني سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري، اربع ڏينهن انڪشاف ڪيو ته ڊينمارڪ جي پاڪستان جي بندرگاهن واري شعبي ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري اڳتي وڌي رهي آهي، جتي ڊينش سيڙپڪار حڪومت سان گڏجي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن۔ ڊينمارڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط معاشي لاڳاپا قائم آهن، خاص طور تي تازو ٻنهي ملڪن جي واپار ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي۔ مالي سال 2024-25 جي پهرين اٺن مهينن دوران واپار ۾ 31 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان ڪل واپاري مقدار 285.99 ملين ڊالر تائين پهچي ويو۔ حڪومت جي انگن اکرن مطابق، پاڪستان جون ڊينمارڪ ڏانهن برآمدات 2 سيڪڙو واڌ سان 207.40 ملين ڊالر ٿيون، جڏهن ته ڊينمارڪ کان درآمدات 42 سيڪڙو واڌ سان 78.59 ملين ڊالر تائين پهچي ويون، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ متوازن ۽ وڌندڙ واپاري لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿو۔ اڄ پورٽ قاسم جي پنهنجي تعارفي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي، وزير واضح ڪيو ته بندرگاهه جي زمين صرف صنعتي مقصدن لاءِ مختص ڪئي ويندي ۽ شفاف طريقي سان حقيقي سيڙپڪارن کي وڪرو ڪئي ويندي۔ “بندرگاهه جي زمين تي ريئل اسٽيٽ جا معاملا ختم ڪيا ويندا، ۽ جيڪي الاٽيز مقرر وقت اندر صنعتون قائم نه ڪندا، انهن جي الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي”، ان سان گڏ هن اهو به اعلان ڪيو ته پورٽ قاسم جي زمين جي نئين تشخيص قانوني ضابطن مطابق ڪئي ويندي۔
