حڪومت نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ فيس جي حد مقرر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت سڄي ملڪ جي خانگي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي سالياني فيس کي محدود ڪندي ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس پروگرامز لاءِ 18 لک رپين جي حد مقرر ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب، نجي ادارن کي فيس ۾ شفافيت ۽ ڪنٽرول يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجا مالي تفصيل پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) سان شيئر ڪرڻا پوند. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نجي ميڊيڪل ڪاليجن کي رڳو ڪنزيومر پرائس انڊيڪس (سي پي آءِ) موجب فيس ۾ سالياني واڌ ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته فيسن ۾ غير ضروري واڌ تي پابندي مڙهي وئي آهي. پڌرائي موجب، فيصلي کي والدين ۽ شاگردن جي مطالبي جي تڪميل قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪي ڊگهي عرصي کان مهانگي ميڊيڪل تعليم خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي هدايتن تي فيصلي جي منظوري ڏني وئي ته جيئن نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تعليم وڌيڪ قابلِ رسائي بڻائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو