ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪميشن، سول سوسائٽي جي نمائندن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته “سڄي ملڪ ۾ جاري انساني حقن جي بحران” کي فوري طور حل ڪيو وڃي. پريس ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ بيان پڻ صحافين ۾ ورهايو ويو، جنهن ۾ انساني حقن جي ڪميشن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي پر امن مظاهرين خلاف تشدد، جبر گمشدگين، ميڊيا جي نمائندن جي پيڪا قانون هيٺ گرفتارين، بلاسفيمي يعني گستاخي واري قانون هيٺ اقليتن خلاف ڪيسن ۽ سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي وڌندڙ ڪردار تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي. پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جو هي مطالبو اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن هڪ ڏينهن اڳ گڏيل قومن جي انساني حقن جي نمائندن پڻ ان معاملي تي بيان جاري ڪندي پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي وڌندڙ پابندين، اقليتن خلاف ڪارواين ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي يعني بي واءِ سي جي ڪارڪنن جي گرفتارين تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو انهن مسئلن جي حل لاءِ فوري ڪاروائي ڪن. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي نمائندن جي بيان تي تبصرو ڪندي خميس تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان بيان کي رد ڪندي ان کي حقيقت جي برعڪس قرار ڏنو آهي. انساني حقن جي ڪميشن واري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ’رياستي جي آمرانه رجحان، زبردستي مخالفت کي دٻائڻ، ميڊيا جي آزاديءَ تي بندشون ۽ حڪومتي معاملن تي اسٽيبلشمينٽ جو تيزيءَ سان وڌندڙ اثر، صحافين ۽ انساني حقن ۽ سياسي جماعتن جي ڪارڪنن جوجبر طور لاپتا ڪرڻ وسيع پيماني تي عدم اطميان جو سبب بنجي رهيو آهي‘. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾مداخلت “جمهوري حڪمراني جي قيمت تي” وڌي وئي آهي، جڏهن ته عدليه ۾ سياسي مداخلت جي الزامن عوام جي قانوني نظام تي اعتماد کي لوڏي ڇڏيو آهي. ’مذہبي انتهاپسندي کي اقليتن خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، خاص طور تي پنجاب ۾ احمدي برادري خلاف. پاڪستان جي سرحدي علائقن، خاص طور تي خيبر پختونخوا ۾، دهشتگردن جي وڌندڙ اثر سبب عام ماڻهو وڌيڪ تشدد ۽ ڀُنگ لاءِ اغوا جي خطري ۾ آهن، جيڪو مسلسل خوف جو ماحول پيدا ڪري رهيو آهي‘. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾، جيڪا “بنيادي حقن لاءِ جدوجهد” شروع ٿي، هاڻي ان کي رياست طرفان “دهشتگردي” قرار ڏنو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ‘صوبي جي اسٽيڪ هولڊرن سان سياسي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪرڻ بدران، اختيارين احتجاج ڪندڙن خلاف غير متناسب طاقت جو استعمال جاري رکيو آهي ۽ اجتماعي گرفتاريون ڪيون پيون وڃن‘. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ پاسي اها صورتحال آهي ۽ ٻئي پاسي ساڳي ئي وقت، جنگجو گروپن عام شهرين کي وڌندڙ شدت سان نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي. سنڌ ۾، سنڌو درياءُ تي تڪراري واهن جي تعمير خلاف احتجاج تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪا به حرڪت ماڻهن جي ماحولياتي حقن تي سڌو حملو هوندي‘. بيان ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته وفاقي حڪومت ۽ سياسي مخالف ڌر اڃا تائين ملڪ جي مستقبل تي هڪ “ضروري اتفاق” حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ پارليامينٽ جو ڪردار گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته قانونن کي “جلدي ۽ بغير ڪنهن بحث جي” پاس ڪيا پيا وڃن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڌندڙ مهانگائي، نوجوانن جي بيروزگاري ۽ مزدورن جي حقن جي ڀڃڪڙي عام ٿي وئي آهي، جيئن ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت وارا قانون لاڳو نٿا ڪيا وڃن، رٽائر ٿيل ملازمن کي پنهنجا حق نٿا ڏنا وڃن، ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ملازمن کي پگهارون دير سان ملي رهيون آهن. انهن گروپن گڏيل طور تي بلوچستان جي بحران جو سياسي حل، جبري گمشدگين جي خاتمي ۽ تازن احتجاجن کانپوءِ گرفتار ٿيل سمورن ماڻهن جي بنا شرط آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سان گڏ “ظالمانه قانونن” جهڙوڪ پيڪا کي ختم ڪرڻ ۽ شهرين جي آزاديءَ تي لڳايل بندشن جي پاليسين کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. بيان ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌو درياءَ تي واهن جي تعمير فوري طور روڪڻ گهرجي ۽ ان جي بدران پاڻيءَ جي استعمال بابت شفاف پاليسي هجڻ گهرجي جيڪا عوام جي مرضيءَ جي عڪاسي ڪري. “زرعي ترقي” جي نالي تي ڪارپوريٽ قبضن کي بند ڪيو وڃي، ۽ سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ سرڪاري زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي. پريس ڪانفرنس دوران، HRCP جي چيئرمين اسد اقبال بٽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي مسئلي کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ مهانگائيءَ کي ملڪ ۾ قانون ۽ انتظام جي خراب صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ (SZABIST) جي آرٽس ڊين، رياض شيخ، بلوچستان جي يونيورسٽيون بند ڪرڻ ۽ مبينا طور زبردستي دهشتگردي خلاف مظاهرا ڪرائڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ چيو ته اهڙو جبر “شاگردن ۾ نفرت ۽ ناراضگيءَ جا بنياد پيدا ڪندو”. نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل، ناصر منصور، بلوچ مظاهرين ۽ عورتن سان اختيارين جي رويي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته “هڪ ڳاڙهي ليڪ پار ڪئي وئي آهي” ۽ انهن جي حقن تي حملا برداشت نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته “جيڪڏهن ڪو صحافي ان تي ڳالهائي ٿو ته مٿس پيڪا ايڪٽ لاڳو ڪري گرفتار ڪيو ٿو وڃي”، هن سائبر ڪرائم قانون جي غلط استعمال جي مذمت به ڪئي. عورتن جي ايڪشن فورم جي ميمبر، مهناز رحمان، پڻ ساڳي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته پيڪا قانون ماڻهن کان سندن اظهار جي آزادي کسي ڇڏي آهي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين، عبدالخالق جوڻيجو، پڻ منصور سان متفق ٿيندي نشاندهي ڪئي ته هڪ پاسي بلوچن جي مظاهري کي طاقت سان روڪي، تشدد جو نشانو بڻائي گرفتاريون ڪيون ويون ۽ ٻئي پاسي بلوچن خلاف جلوس ڪڍندڙن کي همٿايو ويو ۽ انهن تي قلم 144 لاڳو نه ڪيو ويو. هن سنڌ کي “نوآبادياتي رياست” قرار ڏيندي سيڪشن 144 جي چونڊيل لاڳو ٿيڻ تي تنقيد ڪئي. بئريسٽر صلاح الدين احمد پڻ ملڪ جي گستاخي ۽ سائبر ڪرائم قانونن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي تنقيد ڪندي خبردار ڪيو ته ملڪ “بارود جي ڍير” تي بيٺو آهي. هن حڪومت کي تجويز ڏني ته هو “حڪمت عمليءَ سان” ملڪ جا سڀ مسئلا حل ڪري، نه ته مختلف دشمنانه محاذ کولڻ سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.
