ڇا شاگرد تنظيمون شاگرد يونين کي جنم ڏئي سگهنديون؟

محمود شام

شهرِ قائد جي گهٽين، پاڙن ۾ ساهه کڻڻ وارؤ! سنڌي، اردو، پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي ۽ بلتي ڳالهائڻ وارؤ، اوهان کي ياد آهي نه! اڄ ڪتاب ميلي ۾ ملڻو آهي. ايڪسپو سينٽر ۾ ڪتابن جي اکرن جا آنچل کڻي، معافيءَ جا حجاب پائي. دانش جي اجرڪ ويڙهي، مفهوم جا عبايا پائي، اوهان جو انتظار ڪري رهي هوندي، اوهان کي خبر ته هوندي ته يادن جي بهار اچي رهي آهي.

ڪهاڻيون معصوميت جا ويس پائي شيلفن ۾ سجيل آهن، سياستون نقاب کڻڻ تي آهن، جديد ۽ قديم علمَ اڃ اجهائڻ لاءِ بي تاب آهن. پنج ڏينهن ملاقات رهندي، وڇڙڻ جي موسم لڏي ويندي. ملڻ جون گهڙيون ٺهي ٺُڪي لهي رهيون هونديون. ٻيون ڳالهيون ڪنهن نه ڪنهن اسٽال، ڪنهن نه ڪنهن هال ۾ ٿينديون.

ڇهه ماهي امتحانن جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن، پنجاب تي گرفت ڪمزور ٿي رهي آهي. تخت لاهور سرائيڪي تخت نشين کي قبول ڪرڻ ۾ صبر ڪري رهيو آهي. عادتون خراب ٿي ويون آهن، چوڻ لاءِ ته سڀ چئي رهيا آهن ته 40 سالن ۾ لڳڻ وارا زخم ڀرڻا آهن. پر اهي زخم گهڻا گهرا آهن.

ڪيترا ئي نسل انهن زخمن سان گڏ پيدا ٿي چڪا آهن. من مانيون، بيوفايون، ڪجهه بخشائي اسان جي گهٽي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، آئين اسان سڀني جي لاءِ ڏهن ٻارهن صفحن جو ڪتاب آهي. جڏهن چاهيون چمڻ شروع ڪري ڇڏيون، جڏهن چاهيون اُن کان منهن موڙي ڇڏيو. سمنڊ جو کارو پاڻي ڪڙو ٿي چڪو آهي.

سمنڊ شهر جي مٿان چڙهي آيو آهي. اسان کي هيٺ ڌڪيو ويو آهي. ڪڙو پاڻي ان هيٺائينءَ ۾ داخل ٿي فصلن ۽ نسلن کي تباهه ڪري رهيو آهي. نوجوان شاگرد يونين جي آرزو کڻي رستن تي نڪري رهيا آهن.

یونہی بے وجہ نکل آئے ہیں سڑکوں پہ جواں

خوف آتا ہے کہ بھگدڑ میں نہ مارے جائیں

اسان پابندين جا عادي ٿي چڪا آهيون. آزاديءَ جو اعلان ٿيڻ جي باوجود اسان صبح جو سمهي اٿون ٿا ته پيرن جي ٻيڙين ۽ هٿن جي زنجيرن کي ٽشو پيپر سان چمڪائيندا آهيون. صياد جي خوشامد جي ايتري عادت ٿي وئي آهي جو آزاديءَ جو تصور ئي خوفزده ڪري ڇڏي ٿو. ارڙهين ترميم جي باوجود صوبن مان اڄ تائين خودمختياري جا مطالبا بلند ڪيا وڃن ٿا.

صوبيدارن کي اهو نه ماءُ پيءُ ٻڌايو، نه استادن ته خودمختياري کي سڱ ٿيندا آهن يا نه. شاگرد يونين تي پابندي ختم ٿئي گهڻو عرصو ٿي ويو آهي پر جمهوري حڪمرانن جا ڊنل ۽ گهٻرايل وزير تعليم ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين کي بحال ئي نه ڪيو. ڪنهن درسگاهه، سرڪاري يا پرائيويٽ کي همت ئي نه ٿي ته ان آزاد اداري جي ڦيٿ ڪٽي سگهي.

اسان ڄاڻ کان وڌيڪ اڻڄاڻائيءَ کان ڊڄون ٿا. وڏي مهارت سان ان جو الزام به پنهنجي فوج تي هڻي ڇڏيون ٿا. فوج سويلين کان وڌيڪ آزاد ۽ جمهوري ٿي چڪي آهي. اتي وڏي ماني تي کليل احتساب ۽ پاڻ تي تنقيد ٿيندي آهي.

شاگرد يونين اسان کي فرنگين کان ورثي ۾ ملي هئي. ان تحت ٿيڻ وارا بحث به ويسٽ منسٽر پارليامينٽ جي طرز تي ٿيندا هئا، جنهن ۾ موضوع کان وڌيڪ انهن دليلن کي اهميت هئي، جيڪي حق ۾ يا حمايت ۾ تلاش ڪيا وڃن. انهن بحثن وڪلين کي جنم ڏنو. جيڪي ڄاڻي واڻي به پنهنجي موڪل جو دفاع ڪندا هئا. عدالتون شاهدن جون محتاج ٿي ويون. شاگرد يونين سان سڀ کان وڏو فائدو اهو هو ته اهي مستقبل جي قيادت جون نرسريون هيون. شاگرد يا شاگردياڻيون ميرٽ تي عهدن لاءِ چونڊيا ويندا هئا. سياسي پارٽين جو عمل دخل نه هو، پوءِ اهو ٿيو جو شاگرد يونين جي هوندي ئي پارٽي وابستگيءَ جو اظهار ٿيڻ لڳو. ساڄي کاٻي جي ڪشمڪش ۽ تشدد انهن جي هوندي اچي ويو هو.

جنرل ضياءَ الحق ان تي 1984ع ۾ پابندي هنئي. پوءِ قومي سياسي پارٽيون، لساني تنظيمون، فرقه پرستن جي ننڍين تنظيمن کي درسگاهن ۾ پنهنجن نظرين کي طاقت جي زور تي پرچار ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. درسگاهن ۾ طاقت جي زور تي داخلائون. ڪاپي ڪرڻ جو رجحان جڙ پڪڙي ويو. هاڻي جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ يونين جي بحاليءَ جا خوشگوار اعلان ڪري رهيا آهن. نوجوان ڳاڙهو اسڪارف ۽ پٽڪا کڻي روڊن تي نڪري آيا آهن ته انهن چاليهه پنجاهه سالن ۾ وڌي ويل محاذ آرائيءَ جي مزاج، فرقه پرست ذهنن، لساني عصبيتن جي باري ۾ به سوچڻو پوندو. جيئن صوبائي خودمختياري صوبائي تعصب ۾ بدلجي رهي آهي. ان طرح شاگرد يونين جيڪڏهن شاگرد تنظيمن هٿان يرغمال بڻجي ويون ته يونين جي بحالي سان ڪوبه فرق نه پوندو.

پهرين ته حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف، سنڌ جي حڪمران پارٽي پي پي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، ايم ڪيو ايم، جمعيت علماءِ اسلام، عوامي نيشنل پارٽي ٻڌائي ته ڇا هو ڪاليجن يونيورسٽين ۾ پنهنجن ذيلي تنظيمن جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن؟ ڇا سيڪيورٽي ڪليئرنس ڏيڻ وارا، ڇا امن و امان جا ذميدار پنهنجي ذهنن مان چاليهن سالن جو زنگ لاهي روين ۾ تبديلي آڻي سگهندا؟

درسگاهن ۾ شاگردن کي غير سياسي ته نه پر غير وابسته ته ٿيڻ کپي. تعليم ختم ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪن جيڪا سياسي پارٽي سٺي لڳي ان جا ڪارڪن ٿي وڃن. درسگاهن ۾ جيڪڏهن شاگرد تنظيمون موجود رهنديون ته شاگرد يونين پنهنجو مقام حاصل نه ڪري سگهندي. شاگرد يونين کي نه ڳاڙهو هئڻ کپي، نه سائو، هيڊو ته بلڪل به نه.

شاگرد يونين کي صرف شاگرد يونين ٿيڻ کپي. صرف انهن معاملن کي سنڀالڻ گهرجي، جن سان شاگرد طاقتور ٿين. شاگرد ورهايل نه هجن. 60 سيڪڙو آبادي 15 کان 30 کي جي وچ رکڻ وارو ملڪ نوجوان آهي. ان جي طاقت جوان ئي آهي. ڪاليجن يونيورسٽين ۾ ان جي ٺاهه ٺوهه معياري ٿي وڃي ته پاڪستان مافيائن جي چنبي مان آزاد ٿي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو