لاهور (بيورو رپورٽ) جسٽس مامون رشيد شيخ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 49هين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس لاهور جي دربار هال ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جسٽس مامون رشيد کان چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. جسٽس مامون رشيد شيخ جسٽس سردار محمد شميم احمد خان جي 31 ڊسمبر 2019 تي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ اڄ عهدي جو ح:ف کنيو ۽ هو 18 مارچ 2020 تي ريٽائر ٿي ويندو. حلف برداري تقريب جي موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن، آفيسرن، صوبائي وزيرن، اٽارني جنرل فار پاڪستان، انسپيڪٽر جنرل پوليس شعيب دستگير، چيف سيڪريٽري پنجاب، وفاقي ۽ صوبائي قانون جا آفيسر موجود هيا. ان کان علاوهه تقريب ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبرن، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن ۽ وڪيلن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جنهن بعد جسٽس مامون رشيد جو هاءِ ڪورٽ پهچڻ تي شاندار استقبال ڪري گلدستو پيش ڪيو ويو ۽ کين سلامي پيش ڪئي وئي. ان کان علاوهه چيف جسٽس مامون رشيد شيخ ججز لائونج ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي چيف جسٽس ٻين ججن سان رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي جلد ۽ معياري انصاف جي فراهمي جي حوالي سان پنهنجو ويزن پيش ڪيو.
بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ فنڊ خرچ نه ٿي سگهيا
ڦاڻي جي لائين جو مرمتي ڪم اربع تي مڪمل ٿيندو
فيسبڪ يا انسٽاگرام جو لاڪ اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو طريقو
سڱاوتي تڪرار ، فائرنگ، پيرسن عورت قتل، ڏوهٽي زخمي
سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا
چيف جسٽس جي مقرري: ڪميٽي اجلاس ملتوي، ساڍا 8 وڳي ٿيندو
سنڌ ۾ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر
مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي فيصلي تي عملدرآمد ضروري ناهي، چيف جسٽس
ڪورم پورو نه هجڻ سبب سينيٽ جو اجلاس بنا ڪارروائي ملتوي
آئيني ترميم جي سمورن معاملن کي غيرقانوني سمجهون ٿا: گوهر
26هين آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان تڪڙو انصاف ملندو: وزيراعظم
هن ڀيري پوري پاڪستان کي بلاڪ ڪري ڇڏينداسين: علي امين
چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 3 نالا ڪميٽي حوالي
منحرف سينيٽر قاسم پاران سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ
آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ 9 رياستن ۾ پولنگ شروع
سنڌ حڪومت جو ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جو اعلان
شاهه سان ايراني قونصل جنرل جي ملاقات، واپار کي وڌائڻ تي اتفاق
نواز شريف ۽ مريم نواز جو برطانيا جو دورو شيڊيول ٿي ويو
سرويچ سجاول هڪ سوچ، فڪر، ۽ آزاد اظهار جو ڪردار هو
پاڪستاني وفد جي مالياتي اڳواڻن سان ملاقات، ڪارڪردگي تي روشني وڌي