انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ مان نسيم شاهه ٻاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ اعلان ڪيل پاڪستاني اسڪواڊ کان فاسٽ بالر نسيم شاهه جو نالو واپس وٺي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته محمد نسيم کي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو حصو بڻائڻ تي پاڪستان جونيئر ۽ سينئر سليڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڪجهه هفتن کان بحث جاري هيو. جونيئر سليڪشن ڪميٽي عالمي ڪپ ۾ اسڪواڊ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نسيم شاهه شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر سينئر سليڪشن ڪميٽي ورڪ لوڊ مينيجمينٽ سبب نسيم شاهه کي احتياط سان استعمال ڪرڻ جي خواهشمند هئي. جنهن کان پوءِ آخرڪار ٻنهي سليڪشن ڪميٽين وچ ۾ نسيم شاهه کي انڊر 19 ورلڊڪپ ۾ نه موڪلڻ تي اتفاق ٿي ويو. سليم جعفر جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ قومي جونيئر سليڪشن ڪميٽي نسيم شاهه جي متبادل طور خيبرپختون خواهه سان تعلق رکندڙ محمد وسيم جونيئر کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ محمد وسيم جونيئر انڊر 19 ايشيا ڪپ ۽ ڏکڻ آفريقا جي دوري ۾ پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي به ڪري چڪو آهي جتي فاسٽ بالر ٻنهي ايونٽن ۾ 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون  جڏهن ته سريلنڪا جي دوري ۾ محمد وسيم جونيئر 7 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ نوجوان رانديگرن لاءِ اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڏيکارڻ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ جڳهه ٺاهڻ جو هڪ شاندار موقعو آهي جنهن جي بهترين مثال نسيم شاهه آهي. چيف ايگزيڪٽو پي سي بي جو چوڻ هو ته نسيم شاهه هاڻي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو آهي ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس جي نگراني ۾ پنهنجي بالنگ ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو