ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي الزام ۾ جوابدار 10 مهينا جيل حوالي

نوشھروفيروز(مشتاق مري) ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي جوابدار کي 10 مهينا سزا. سيڪنڊ سول اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ حيدر علي ڀيو جي عدالت 13 لکن جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڏھ مھينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رهي ته فريادي شڪور احمد سيال مورو ٿاڻي تي قلم 489 تحت ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته جوبدار زاھد حسين سرھيو مون کان ڪاروبار لاء 13 لک روپيه ورتا ان جو هن مون کي چيڪ ڏنو اهو چيڪ مقرر ڪيل تاريخ تي بينڪ مان پاس نه ٿيو. اڄ ٻڌڻي دوران ڪوڙو چيڪ  ڏيڻ جي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي موري واسي جوبدار زاھد حسين سرھيو کي 10 مھينا قيد جي سزا ٻڌائي  ڇڏي. عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن جوبدار عدالت ۾ ضمانت پيش ڪري ته آزادي ماڻي سگهي ٿو ۽ پيسه شيڊول مطابق قسطون ڪيو وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو