ماهيگيرن کي تنگ ڪرڻ تي پورٽ قاسم کان رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ ريڙهي ڳوٺ، لٺ بستي، ابراهيم حيدري ۽ چشما ڳوٺ جي  ماهيگيرن کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پورٽ قاسم جي سيڪيورٽي گارڊز طرفان تنگ ڪرڻ ۽ سندن مڇي ضبط ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 28 جنوري تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ اهڙو حڪم سومر تي ماهيگيرن پاران داخل ڪيل درخواست جي ابتدائي  ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواست ۾ ماهيگيرن پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي  ته اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پورٽ قاسم جا گارڊز تنگ ڪري رهياآهن ۽ هو ماهيگيرن جي  لانچن مان مڇيون ۽ جهينگا  ڦري وڃن ٿا. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته  پورٽ قاسم اٿارٽي هڪ پل تعمير ڪئي آهي جنهن سبب اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ ممڪن ناهي. درخواستگذارن پاران عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته ان پورٽ قاسم اٿارٽي کان ڄاڻايل پل جي قانوني حيثيت معلوم ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سمنڊ ۾ مقامي ماهيگيرن جي روزگار واري حق کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي. سندن وڪيل ايڊووڪيٽ عرفان عزيز اهو پڻ موقف اختيار ڪيو ته سمنڊ ۾ زهريلو ڪيميڪل وڌو پيو وڃي جنهن سان آبي جيوت تيزي سان ختم ٿي رهي آهي تنهن ڪري سمنڊ ۾ ڪيميائي مادو خارج ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو