تحريڪ لبيڪ جي 86 ڪارڪنن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه خادم رضوي جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي سميت 86 ڪارڪنن مان هر هڪ کي 55 سال قيد ۽ مجموعي طور هڪ ڪروڙ 29 لک 25 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. هنن تي پوليس اهلڪارن کي مارڪٽ ڪرڻ، کين يرغمال بنائڻ ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو الزام هو. خادم رضوي جي ڀاءُ امير حسين رضوي ۽ ڀائٽي محمد علي سميت 86 ڪارڪنن کي سزائون خميس تي دير سان ٻڌايون ويون جنهن بعد اليٽ فورس جي دستن جي نگراني ۾ کين اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو. پنڊي گهيپ ٿاڻي تي 2018 ۾ڪيس داخل ڪيو  ويو هو جنهن ۾ کين سزا ملي آهي. 2018 ۾ جڏهن خادم رضوي کي پوليس گرفتار ڪيو هو ته پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله پارٽي جي ڪارڪنن لاهور ۾ ايس پي پوليس سيد علي کي پوليس گارڊز سان گڏ يرغمال بڻايو هو، هٿيار کسيا هئا، ملتان روڊ تي هڪ سپاهي کي ڪٽڪو ڏئي سخت زخمي ڪيو ويو هو. مختلف جاين تي پوليس اهلڪارن سان ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن جون چڪريون به ٿيون هيون. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پاران توهين رسالت جي الزام ۾ گرفتار آسيه بي بي کي آزاد ڪرڻ بعد راولپنڊي جي فيض آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو هو. جنهن جي ڪجهه عرصي بعد خادم رضوي کي گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو