پشاور جي ڪوئٽاکي 6 وڪيٽن تان شڪست، اڪمل جي سينچري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي پشاور زلمي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. گهربل ٽارگٽ 149 رنز جي حصول لاءِ زلمي جي ڪامران اڪمل زبردست بيٽنگ ڪندي 55 بالن تي 101 رنز اسڪور ڪري جيسن راءِ جي بال تي فواد هٿان ڪيچ ٿي ويو. پي ايس ايل ۾ ڪنهن به رانديگر جي اها پهرين سينچري هئي. پي ايس ايل 2020 جي چوٿين گيم ۾ 9 بال باقي هئا ته پشاور ميچ کٽي ورتي. هن مهل تائين ڪوئٽا ۽ پشاور ٻه ٻه ميچ کيڏيا آهن ۽ ٻنهي هڪ هڪ ميچ کٽي ۽ هڪ هڪ هارائي آهي.ٽوم بينٽن ۽ ڪامران اڪمل اننگ شروع ڪئي. محمد نواز پهريون اوور ڪرايو بينٽن هڪ رن وٺي اڪمل کي سائيڊ ڏني جنهن نواز جي 5 بالن تي 20 رنز ٺاهيون. مجموعي طور نواز پهرين اوور ۾ 21 رنز ڏنيون. ٻيو اوور سهيل خان ڪرايو  جنهن 15 رنز ڏنيون. ٽن اوورز ۾ زلمي 44 رنز ٺاهيون.چوٿين اوور جي ٽيملز جي پهرين بال تي  ٽوم بينٽن آئوٽ ٿيو. اڪمل 20 بالن تي 51 رنز ٺاهي تيز ففٽي مڪمل ڪئي.

حيدر علي هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي 25 رنز ٺاهي سهيل خان جي بال تي سرفراز هٿان ڪيچ ٿيو. شعيب ملڪ ٻيهر ناڪام رهيو هڪ چوڪي جي مدد سان 12 بالن تي 7 رنز ٺاهي فواد جي بال تي نواز هٿان ڪيچ ٿيو، ليم لونگسٽون ۽ ليم ڊاسن پنج پنج رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ زلمي جا بالر ڪوئٽا کي وڏو اسڪور ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب ويا. مقرر اوورز ۾ ڪوئٽا 5 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنز ٺاهي سگهي. وهاب رياض جي آخري اوور جي ٻن بالن تي 7 رنز ٺهيون.جيسن راءِ هڪ ڇڪي 4 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي. 57 بالن تي 73 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پشاور زلمي ٽاس کٽي ڪوئٽا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي. جيسن راءِ ۽ شين واٽسن اننگ جي شروعات ڪئي شين واٽسن دٻاءَ ۾ کيڏندي 10 بالن تي 8 رنز ٺاهيون ۽ رڳو هڪ چوڪو هنيو ته وهاب رياض جي بال تي حسن علي کيس ڪيچ پڪڙي ورتو، وهاب پهرين اوور ۾ هڪ رن ڏئي وڪٽ ورتي. ڪوئٽا جي 33 رنز تي 4.4 اوور ۾ پهرين وڪٽ ڪري، جنهن بعد احمد شهزاد جيسن راءِ جو ساٿ ڏيڻ آيو. جيڪو 12 بالن تي 12 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، هن هڪ ڇڪو هنيو محمد عامر خان جي بال تي ڪيچ ٿي ويو. ٻئي وڪٽ 50 تي 7.5 اوور ۾ ڪري. جنهن بعد ڪپتان سرفراز آيو. جنهن جارحاڻي اننگ کيڏندي هڪ ڇڪو 5 چوڪا هڻي 25 بالن ت3 41 رنز ٺاهيون ۽ ڊيرن سيمي جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد اعظم خان جيڪو معين خان جو پٽ آهي، بيٽنگ لاءِ آيو. هو 9 بالن تي 5 رنز ٺاهي وهاب هٿان بولڊ ٿيو. محمد نواز 4 بالن تي 2 رنز ٺاهيون وڏي شاٽ جي چڪر ۾ راحت علي جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. ڪوئٽا پهريون ميچ اسلام آباد کان کٽي چڪي آهي ۽ زلمي پهرين ميچ ڪراچي کان هارائي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو