لاهور قلندرز ڪوئٽه کي شڪست ڏئي کٽڻ جو کاتو کولي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آخر ڪار لاهور قلندرز ڪوئٽه گليڊيئٽرز کي 37 رنز تان شڪست ڏئي پنهنجي کٽڻ جو کاتو کولي ورتو.

قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پي ايس ايل فائيو جي 16هين ميچ ۾ سرفراز احمد ٽاس کٽي لاهور کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. جن کٽڻ لاءِ 210 رنز جو ٽارگٽ ڏنو. جنهن جي حصول لاءِ دفاعي چيمپئن ڪوئٽه پاران جيسن راءِ ۽ شين واٽسن اننگ شروع ڪئي ته چوٿين اوور جي پهرين بال تي جيسن راءِ هڪ چوڪو هڻي 11 بالن تي 12 رنز ٺاهي سمت پٽيل جي بال تي بولڊ ٿي ويو. واٽسن 2 چڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 17 بالن تي 22 رنز ٺاهي دلبر حسين جي بال تي بين ڊڪ هٿان ڪيچ ٿيو. احسن علي 3 بالن تي 2 رنز ٺاهي دلبر حسين جي بال تي ڪرس لين هٿان ڪيچ ٿيو، سرفراز ٻن چوڪن جي مدد سان 8 بالن تي 9 رنز ٺاهي پٽيل جي بال تي حفيظ هٿان ڪيچ ٿيو. اعظم خان هڪ ڇڪي هڪ چوڪي جي مدد سان 9 بالن تي 12 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي محمد فيضان هٿان ڪيچ ٿيو، بين ڪٽنگ 5 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 27 بالن تي 53 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي حفيظ هٿان ڪيچ ٿيو.

ابنور علي 5 بالن تي 4 رنز ٺاهي محمد فيضان جي بال تي حفيظ هٿان ڪيچ ٿيو.فواد احمد 15 بالن تي 14 رنز ٺاهيون ته سلمان ارشاد بولد ڪيس، نسيم شاهه کي 7 بالن تي 7 رنز ٺاهڻ بعد سلمان ارشاد ايل بي ڊبليو ڪيو. محمد حسنين هڪ بل تي هڪ رن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪوئٽه کي 11 ايڪسٽرا رنز مليون پوءِ به 172 تي آل آئوٽ ٿي وئي. ان کان اڳ لاهور قلندرز جي اننگ جي شروعات فخرالزمان ٻن چوڪن جي مدد سان 15 رنز ٺاهيون ته 36 جي مجموعي اسڪور تي محمد نواز جي بال تي انور علي هٿان ڪيچ ٿيو. ڪرس لين هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان  22 بالن تي 27 رنز ٺاهي سرفراز هٿان حسنين جي بال تي ڪيچ ٿيو. بين ڊڪ 10 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 43 بالن تي 93 رنز ٺاهيون.

بين ڪٽنگ جي بال تي احسن علي هٿان ڪيچ ٿيو. محمد حفيظ پهرين ئي بال تي شين واٽسن هٿان فواد حسن جي بال تي ڪيچ ٿيو. سمت پٽيل 2 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 40 بالن تي 71 رنز اسڪور ڪري بين ڪٽنگ جي بال تي محمد نواز هٿان ڪيچ ٿيو.

انور علي هڪ اوور ۾ 19 رنز ڏنيو، بين ڪٽنگ 3 اورز م 36 رنز ڏئي 2 وڪيٽ، نواز 4 ۾ 44 رنز، فواد حسن 4  اوورز ۾ 28 رنز ۽ محمد حسنين 4 اوورز ۾ 32 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. نسيم شاهه 4 ۾ 48 رنز ڏنيون بنا وڪيٽ جي. لاهور قلندرز هن مهل تائين جي 16 ميچز جو وڏي ۾ وڏو اسڪور ڪندي 5 وڪيٽن تي 209 رنز اسڪور ڪيون.سمت پٽيل 4 اوورز ۾ 31 رنز ڏئي 2، شاهين آفريدي 4 اوورز ۾ 39 رنز ڏئي ڪا وڪٽ نه ورتي، دلبر حسين 2 اوورز ۾ 11 رنز ڏئي 2 وڪٽ، سلمان ارشاد 4 اوورز ۾ 30 رنز ڏئي 4 وڪٽ

، سيڪوگا پراسينا 3 وورز ۾ 28 رنز ڏئي ڪا به وڪٽ نه ورتي، محم فيضان 3 اوورز ۾ 29 رنز ڏئي 2 وڪٽ ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو