راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پي ايس ايل جي 18هون ميچ راولپنڊي ۾ ٿيو جيڪو ڀرپور مقابلي بعد پشاور زلمي کٽي ورتو. ڪوئٽا 171 رنز جي ٽارگٽ جي حصول لاءِ بيٽنگ ڪندي جيسن راءِ ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 45 رنز اسڪور ڪري 26 بالن تي ياسر شاهه جي بال تي بولڊ ٿيو،
شين واٽسن 4 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 19 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي لونگليسٽون هٿان ڪيچ ٿيو، آحمد شهزاد ڪا به وڏي شاٽ نه کيڏي سگهيو ۽ 17 بالن 10 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، بين ڪٽنگ 7 بالن تي ا7 رنز ٺاهيوڻ بڻ ڇڪن جي مدد سان، محمد اعظم پهرين بال تي راحت علي جي اوور ۾آئوٽ ٿي ويو، سرفراز احمد ٻن بالن تي هڪ رن ٺاهي وهاب هٿان بولڊ ٿيو، سهيل خان ٻن ڇڪن سان 11 بالن تي 16 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ٽيمل ملز 5بالن تي 4 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪوئٽا 30 رنز تان ميچ هارائي. هنن مقرر 15 اوورز ۾7 وڪيٽن تي 140 رنز ٺاهيون. بارش سبب ٽي ٽوئنٽي ميچ 15 اوورز في اننگ تائين محدود ڪئي وئي ۽ طئي ٿيو ته هر بالر ٽي اوور ڪرائيندو. ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پشاور زلمي پاران ڪامران اڪمل ۽ امام الحق اوپننگ ڪئي. پي ايس ايل جو پهريون ميچ کيڏندڙ امام الحق ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 7 بالن تي 7 رنز ٺاهي سهيل خان جي بال تي متبادل رانديگر هٿان ڪيچ ٿيو، ڪامران اڪمل ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 12 بالن تي 23 رنز ٺاهي محمد حسنين جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو. هن لڳاتار حسنين کي 2 ڇڪا هنيا ۽ ٽئين بال تي پوليلن موٽيو. حيدر علي ۽ شعيب ملڪ جي ڊگهي پارٽنرشپ جاري رهي ٻنهي زبردست اسٽروڪ کيڏيا.شعيب ملڪ هڪ ڇڪي ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 27 بالن تي 54 رنز ٺاهي حسنين جي بال تي بولڊ ٿيو.
جنهن بعد ليم لونگسٽون ٻن چوڪن بعد 7 بالن تي 12 رنز ٺاهي حسنين جي بال تي سهيل خان هٿان ڪيچ ٿيو. ليم ڊاسن پهرين بال تي بين ڪٽنگ جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو. بين ڪٽنگ جي ساڳئي اوور ۾ حسن علي به ڪيچ ٿيو پر ٿرڊ امپائر نو بال قرار ڏنو ۽ فري هٽ تي حسن علي ڇڪو هنيو. ليوائس گريگوري 8 بالن تي ٻن ڇڪن جي مدد سان 20 ۽ حسن علي 5 بالن تي هڪ چوڪي جي مدد سان 9 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. سهيل خان 3 اوورز ۾ 38 رنز ڏئي هڪ، نسيم شاهه ٻن اوورز ۾ 6 رنز ڏنا پر زخمي ٿي باهر ويو. محمد حسنين 3 اوورز ۾ 34 رنز ڏئي 4 وڪيٽ، محمد نواز ٻن اوورز ۾ 26 رنز، بين ڪٽنگ 2 اوورز ۾ 31 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. ٽيمل ملز 3 اوورز ۾ 33 رنز ڏئي ڪا وڪٽ نه ورتي.