بارش سبب ميچ ختم ڪراچي ۽ ملتان کي هڪ هڪ پوائنٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جو 19 هون ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطان وچ ۾ کيڏيو ويو. ملتان 17 اوورز ۾ 102 رنز ٺاهيون ته بارش شروع ٿي وئي. جنهن سبب ميچ بند ڪيو ويو پر ڪافي انتظار بد بارش بند نه ٿي ته ميچ رد ڪري ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏني ويئ. عماد وسيم ٽاس کٽي ملتان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. معين علي ۽ ذيشان اشرف اوپننگ ڪئي، 17 جي مجموعي اسڪور تي ذيشان 8 بالن تي 2 رنز ٺاهي محمد عامر جي بال تي ڪرس جورڊن هٿان ڪيچ ٿيو. ڪپتان شان مسعود عماد وسيم هٿان 17 بالن تي 9 رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو. عامر يامين جي هڪ بال تي معين علي هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 22 بالن تي 29 رنز ٺاهي ڪرس جورڊن هٿان ڪيچ ٿيو ته ٻئي بال تي رلي روسو گولڊن ڊڪ تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو، روي بوپاڙا هڪ چوڪو هنيو ۽ عماد وسيم جي اڳلي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿي ويو.

خوشدل شاهه 16 بالن تي 8 رنز ٺاهي عمر خان جي بال تي ڪرس جورڊن هٿان ڪيچ ٿيو. 16.5 اوورز ۾ ملتان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 102 رنز ٺاهيون ته بارش شروع ٿي وئي جنهن سبب ميچ روڪي وئي. ان وقت شاهد آفريدي ٽن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي سبب 17 بالن تي 35 رنز ٺاهيون.

سيل تنوير هڪ چوڪي جي مدد سان 18 بالن تي ق0 رنز ٺاهي ڪيريز تي موجود هئا. بارش سبب ميچ رڪجي وئي ۽ ڪافي انتظار ڪرڻ بعد به جڏهن بارش بند نه ٿي ته ميچ ختم ڪندي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو