سوسائٽي(غلام رسول مھر)ڳوٺ وڌڻ مھر ۾ سنڌڙي ڪرڪيٽ ڪلب ٽيم پاران (محبت جا ميلا )جي عنوان سان قالو خان اسٽيڊيم ۾ شاندار ٽورنامينٽ ٿي گذريو. جنھن ۾ علائقي جي ويھن ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ جي فائنل جا خاص مھمان صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مھر ھئا، ٽورنامينٽ ۾ سخت مقابلن کانپوء فائنل ملاعلي مھيسر ۽گبول اليون ۾ ٿيو ملاعلي مھيسر ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 9 اورن ۾114رنسون ٺاھيون بعد ۾ گبول اليون آخري اور ۾ 114 رنسون ٺاھي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو، ڪامياب ٽيم گبول اليون جي ڪپتان علي اڪبر گبول کي صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مھر ونر ٽرافي ڏني.
صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مھر سنڌيار اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڳوٺن ۾ اھڙا پروگرم ٿيندا رھن ته جيئن ماڻھن کي تفريح جو موقعو ملي سگھي،مون کي ھتي اچي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي، آءُ سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته ايندڙ ھفتي گھوٽڪي ۾ اسپورٽس جو ھفتو ملھايو ويندو سڀ دوست حصو وٺن ،صوبائي صلاحڪار گرائونڊ ۾ لائيٽن لڳائڻ جو پڻ اعلان ڪيو، يوسي ڀيٽور جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر ناظم خان مھر پڪي پچ ٺھرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي زبردست خان مھر،شوڪت خان مھر،منشي وسند مھر،لياقت خان مھيسر،سماجي اڳواڻ علي حسن مھر ۽ ٻيا ساڻ ھئا،ٽورنامينٽ جو انتظام سنڌڙي ڪرڪيٽ ڪلب ٽيم جي ڪپتان احمد بخش سومرو،ذاڪر حسين مھر ،عطاءالله مھر سميت سموري ٽيم بھترين نموني سان سنڀاريو.