اڪمل جي سزا ۾ گهٽتائي خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسپاٽ فڪسنگ ۽ جارحاڻي رويي سبب جهيڙاڳل طور مشهور ڪرڪٽرعمر اڪمل جي سزا گهٽ ڪرڻ جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي. سومر تي ڪرڪٽ بورڊ ۾ اپيل ڪميٽي جي سربراهه جسٽس(ر) فقير محمد کوکر عمر اڪمل جي اپيل تي ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. ڪئي. ٻڌڻي 3 ڪلاڪ جاري رهي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو. عمر اڪمل جي وڪيل طيب رضوي جو چوڻ هو ته رانديگر سان زيادتي ٿي آهي پر هو پراميد آهي ته کيس انصاف ملندو. 27 اپريل تي جسٽس(ر) فضل ميران چوهان بطور چيئرمين ڊسپلنري پينل عمر اڪمل تي 3 سال جي پابندي لاڳو ڪئي هئي. هن پي ايس ايل 2020 کان اڳ ميچ فڪسنگ لاءِ رابطو ڪندڙن بابت معلومات لڪائي هئي. جنهن سبب کيس پي ايس ايل مان به آئوٽ ڪيو ويو هو. هن کي فڪسنگ جي آڇ ڪندڙ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪٽر آمريڪا ۾ رهندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو