نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ مالي ڏوهن جي جاچ واري اداري انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ اسلامي مبلغ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ تي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ چارج شيٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. مالي بي ضابطگين سان گڏوگڏ مٿس منافرت ڦهلائڻ جو به الزام آهي. ذاڪر نائڪ هن وقت جلاوطني واري زندگي گذاري رهيو آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته سندس غيرقانوني اثاثا اٽڪل هڪ ارب 93 ڪروڙ ڀارتي روپئي برابر آهن. ذاڪر نائڪ اهڙن الزامن جي ترديد ڪندي چوندو رهيو آهي ته هن غيرقانوني طريقي سان دولت ناهي ڪمائي ۽ نه ئي ملڪيت ٺاهي آهي. ڀارتي اداري چنائي ۾ انٽرنيشنل اسڪول جي عمارت، 10 فليٽس، 3 گدام، ٻن عمارتن، پوني ۽ ممبئي ۾ زمين ۽ 10 بينڪ اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي آهي. ڀارت ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي اسلامي تعليمات جي چئنل ”پيس“ تي پابندي لڳل آهي، پر ان هوندي به دنيا ۾ اٽڪل 20 ڪروڙ ماڻهو هي چئنل ڏسي رهيا آهن. پيس چئنل جي براڊ ڪاسٽنگ دبئي مان ٿيندي آهي. ڀارتي اداري الزام هنيو آهي ته ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي اشتعال پکيڙيندڙ تقريرن ۽ ليڪچرز ڀارت ۾ مسلمانن کي پرتشدد ڪارروائين لاءِ اڪسائيندڙ آهن.
حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله
ڪجهه ماڻهن کي مدرسن جي رجسٽريشن تي خدشا آهن: احسان افضل
اڃا ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب
خان 6 ۽ بشرا بي بي جي هڪ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو