ڪرائسٽ چرچ( م ڊ) هلندڙ سال 15 مارچ تي نيوزي لينڊ جي شهر ڪرائيسٽ چرچ جي مسجد تي دهشتگردن جي حملن ۾ 50 نمازين جي شهادت کان پوء مسلمانن سان ڏک جو اظهار ڪرڻ تي شهرت حاصل ڪرڻ واري نيوزي لينڊ جي وزير اعظم جيسنڊا آرڊرن جيون ساٿي چونڊي ان سان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي. جيسنڊا آرڊرن پنهنجي دوست ۽ ٽي وي اينڪر پرسن 41 سالن جي ڪلارڪ گيفورڊ سان گذريل هفتي مڱڻي ڪئي هئي. ٻنهي ان وقت مڱڻي ڪئي جڏهن نيوزي لينڊ جي اليڪشن ۾ هڪ سال بچو آهي. جيسنڊا آرڊرن جي طرفان مڱڻي ڪرڻ جي فيصلي کي سياسي مقبوليت ملڻ سبب ميڊيا ۾ دلچسپي سان ڏٺو وڃي ٿو. جيسنڊا آرڊرن ۽ ڪلارڪ گيفورڊ هڪٻئي جا جيون ساٿي اڳ ۾ ئي هئا ۽ ٻنهي 21 جون 2018 تي پهريون ٻار به پيدا ڪيو هو پر هاڻي با ضابطه شادي جو فيصلو جيو اٿائون. رپورٽ مطابق ڪلارڪ گيفورڊ جيسنڊا آرڊرن کي هيرن جي منڊي پارائي ان موقئي تي ٻئي انتهائي خوش نظر آيا. وزير اعظم جي ترجمان مطابق ٻنهي جي شادي جي حوالي سان ڪابه تاريخ اڃا طئي ناهي ٿي. چيو پيو وڃي ته هو نومبر 2020 کان پهريان شادي ڪندا. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته جيسنڊا آرڊرن 5 سال پهريان ڪلارڪ گيفوزڊ کي پنهنجو جيون ساٿي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ بطور وزير اعظم ٻار کي جنم ڏئي وڌيڪ شهرت حاصل ڪئي. جيسنڊا عهدي تي رهندي ٻار ڄڻڻ واري دنيا جي ٻئي عورت وزير اعظم آهي، پهرين وزيراعظم طور ٻار ڄڻڻ واري عورت بينظير ڀٽو هئي جنهنن بختاور ڀٽو زرداري کي جنم ڏنو هو. دلچسپ ڳاله اها آهي ته جيسنڊا آرڊرن ٻار کي ان ڏينهن جنم ڏنو جنهن ڏينهن بينظير پٽو پيدا ٿئي هئي.
سول نافرماني تحريڪ لاءِ عمران خان جي حڪم جو انتظار آهي: گنڊاپور
شانگله: پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 4 زخمي
گهرو وزير جي سعودي هم منصب سان ملاقات، سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهيون
حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله
ڪجهه ماڻهن کي مدرسن جي رجسٽريشن تي خدشا آهن: احسان افضل
اڃا ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب
خان 6 ۽ بشرا بي بي جي هڪ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار