مانچسٽر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن تي پاڪستاني ٽيم 169 رنز تي ڍير ٿي وئي. ياسر شاهه 33 ۽ نسيم شاهه رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ پاڪستان ميچ کٽڻ لاءِ انگلينڊ کي 277 رنز جو ٽارگٽ ڏنو آهي. انگلينڊ ٻئي اننگ جي شروعات پراعتماد اندازخ ۾ ڪئي آهي.ٽئين ڏينهن تي انگلينڊ پاڪستان جي پهرين اننگ جي 326 رنز جي جواب ۾ 219 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان ٻئي اننگ شروع ڪئي ته 44 اوورز ۾ 137 تي سندس 8 آئوٽ ٿي ويا. شان مسعود زيرو، عابد علي 20، اظهر علي 18، بابر اعظم 5، اسد شفيق 29، محمد رضوان 27، شاداب 15 ۽ شاهين آفريدي 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. ان کان اڳ انگلينڊ پهنجي پهرين اننگ شروع ڪئي ته 21 رنز تي 3 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. روري جوزف برنز 4 بالن تي هڪ چوڪو هڻي شاهين آفريدي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو، ڊوم سبلي 8 بالن تي 8 رنز اسڪور ڪري عباس جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيبين اسٽوڪ 7 بالن تي بنا رن ٺاهي عباس جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. ڪپتان جو روٽ 38 رنز، اولي پوپ 62، ڪرس ووڪس 19، ڊوم بيس 1، آرڇر 16، براڊ 29 ۽ اينڊرسن 7 رنز ٺاهيون. ياسر شاهه 4، محمد عباس ۽ شاداب ٻه ٻه وڪيٽون، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ پاڪستاني ڪپتان اظهر علي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. پهرين اننگ ۾ شان مسعود ۽ عابد علي اوپننگ ڪئي، عابد ٻن چوڪن جي مدد سان 37 بالن تي 16 رنز ٺاهي آرچر جي بال تي بولڊ ٿيو. ڪپتان اظهر علي به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ 6 بالن تي بنا رن ٺاهي ڪرس ووڪس جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، بابر اعظم ۽ شان مسعون اسڪور اڳتي وڌايو ۽ شان مسعود 319 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ 18 چوڪن جي مدد سان 156 رنز اسڪور ڪري اسٽيورٽ براد جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. هو 24 سالن ۾ پهريون ڀيرو انگلينڊ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ پاڪستاني آهي. بابر اعظم اينڊرسن جي بال تي جو روٽ هٿان 11 چوڪن جي مدد سان 106 بالن تي 69 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. اسد شفيق هڪ چوڪي جي مدد سان 22 بالن تي 7 رنز ڪري براڊ جي بال تي بين اسٽوڪ هٿان ڪيچ ٿيو. رضوان 41 بالن تي ووڪس جي بال تي جوز بٽلر هٿان ڪيچ ٿيو، شاداب خان 76 بالن تي ٽن چوڪن جي مدد سان 45 رنز ٺاهي ڊوم بيس جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، ياسر شاهه 25 بالن تي 5 رنز ٺاهي آرچر هٿان ايل بي ڊ بليو ٿيو، محمد عباس آرچر جي پهرين بال تي بنا رن ٺاهي ڪيچ ٿيو.نسيم شاهه 8 بال کيڏڻ بعد بنا رن ٺاهي براڊ جي بال تي بٽلر هٿان ڪيچ ٿيو ۽ شاهين آفريدي ٻن چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 9 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو هو. ماهرن موجب پاڪستان جي کٽڻ جو چانس 51 سيڪڙو آهي.
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود