روھڙي(رپوٽ امان ﷲ سومرو)ريلوي فٽبال گرائونڊ ۾ جاري پهرين شھزاد عرف شتو شھيد ٽورنامينٽ جو سيمي فائنل ۾ زبردست مقابلي بعد ستار اليون 0 جي مقابلي ۾ 1 گول تان کٽي فائنل ۾ پهچي وئي. ان موقعي تي سيمي فائنل جي مهمان خاص پي ٽي آئي ريجن سکر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪاشف حسين قاضي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ گهرجي، رانديون سماج ۽ ماحول کي بھتر بڻائينديون آهن. هن دور ۾ نوجوانن کي برائي کان بچائڻ ۽ انهن جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ توڙي هن افرا تفري واري ماحول کان محفوظ رهڻ لاءِ راندين تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته روهڙي ۾ مسلسل فٽبال راند ٿيڻ تي دلي خوشي ٿي آهي ۽ اميد ٿو ڪريان ته راندين جا ميدان ائين ئي آباد رهندا مهمان خاص پاران فاتح ٽيم کي نقد انعام پڻ ڏنو ويو جڏهن ته راند شروع ٿيڻ کان اڳ مهمانن خاص کي گرائونڊ ۾ اچڻ تي گلن جا هار پارائي آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ