ملڪيت خاطر پٽن پاران 70 ساله ماءُ ڪاري قرار، احتجاج

ميرپور ماٿيلو(ن سنڌيار) ميرپورماٿيلو ۾ بيواھ پيرسن عورت کي ڪارنھن جو تھمت ڏيندڙ ويڳي پٽ خلاف ڪاروائي نه ٿي،پيرسن کي الزام ڏيڻ خلاف ڇڄڻ برادري جي ڳوٺاڻن انصاف لاءِ احتجاج ڪيو. ڳوٺ شيرخان ڇڄڻ جي رھواسڻ 70 ورھين جي بيواھ پيرسن عورت غلام فاطمه ڇڄڻ مٿان ويڳي پٽ غلام مصطفيٰ عرف ڪيچي ڇڄڻ، سپاھي سليم ڇڄڻ ۽ ٻين پاران مبينا طور ملڪيت ڦٻائڻ خاطر ڏنل ڪارنھن الزام خلاف الزام ھيٺ آيل عورت ۽ ڇڄڻ برادري جي ڳوٺاڻن غلام سرور ڇڄڻ ۽ علم دين ڇڄڻ جي اڳواڻي ۾ ميرپورماٿيلو ۾ ڌار ڌار احتجاج ڪيو آھي.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي عورت ۽ ڇڄڻ برادري دانھيندي چيو ته ڪيچي ڇڄڻ سندس پٽ اھلڪار سليم ڇڄڻ، آفتاب ڇڄڻ، ستار ڇڄڻ ۽ سندس ساٿين لکين روپين جي ملڪيت ڦٻائڻ خاطر پيرسن بيواھ عورت کي سندس ڀيڻويئي حليم ڇڄڻ سان ڪارنھن جي ڪوڙي تھمت ھڻي سندن کي قتل ڪرڻ لاءِ حملا ڪري رھيا آھن پر ھفتي کان احتجاج ڪرڻ باوجود ايس ايس پي گھوٽڪي جي مٿي ۾ جونءَ به نه ٿي چري، ھنن وسوارن کان ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري پيرسن بيواھ عورت کي تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو