نوشھرو فيروز )ڊ ر)ڳوٺ ميوو خان چانڊيو ۾ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن جي 21 ڪلبن حصو ورتو جنهن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻن ٽيمن جو فائنل مڃٺ جي عالماڻي ڪرڪيٽ ڪلب ۽ بخاري ڪرڪيٽ ڪلب ٺاروشاھ ۾ ٿيو، جنهن ۾ مقرر 8 اوورن ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي بخاري ڪرڪيٽ ڪلب ٺاروشاھ 71 رنز اسڪور ڪيو. جنهن ۾ سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ جاويد راڄپر 30 رنز اسڪور ڪيون. جڏهن ته مڃٺ ڪرڪيٽ ڪلب 8 اوورن ۾ 48 رنز تائين محدود ٿي رهي فائنل مئچ هارائي وئي. جڏهن ته ڪامياب ٽيم گرائونڊ تي جشن ملهايو. فائنل مئچ ڏسندڙن رانديگرن کي خوب داد ڏنو. فائنل مئچ ۾ مهمان خاص عبدالستار اڄڻ ٽورنامينٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ذاڪر عباسي عارف سهتو ۽ طارق عالماڻي کي ٽرافي ڏني. جڏهن ته فائنل مئچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ذاڪر عباسي کي ٽرافي ۽ فائنل مئچ کٽندڙ بخاري ڪرڪيٽ ڪلب ٺاروشاھ جي ڪپتان شريف ڪلهوڙو کي ٽرافي ۽ ڏھ هزار روڪ ڏنا ويا.هاريندڙ ٽيم مڃٺ ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪپتان استاد طارق عالماڻي کي پڻ ٽرافي ۽ ٻه هزار روڪ ڏنا ويا.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ