سڪرنڊ رپورٽ (فقير راج ڪماراوڏ)ايم آر ڊي تحريڪ دوران ڳوٺ پنهل خان چانڊيو جي 16 شهيدن جي 37 هين ورسي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي شهيدن جي مزارن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، حاجي علي نواز چانڊيو ۽ شهيدن جي وارثن شهيدن جي آخري آرامگاهن تي گلن جون الڳ الڳ چادرون چاڙهي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي شهيدن جي سياسي وارث غلام قادر چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 83 جي تحريڪ دوران ڊڪٽيٽر آمر ضياء جا ڪيل ظلم تاريخ جي ڪارن اکرن ۾ لکيل آهن جڏھن ته شهيدن جي قربانيون تاريخي ورقن ۾ سنهري اکرن سان اڄ به لکيل آهن. ان حقيقت کان انڪار ناهي ته اڄ پيپلز پارٽي جيڪا اقتدار ۾ آهي ان ۾ شهيدن جي قربانين جو وڏو ڪردار آهي شهيدن جي قربانين سبب اسان سڀ ڪجهه آهيون. پ پ پ شهيدن جي پارٽي آهي ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ علي نواز چانڊيو چيو ته هڪ ته شهيد زنده هوندا آهن ٻيو ڪردار زنده هوندو آهي اهوئي سبب آهي جو اڄ انهن ڪردارن کي ياد ڪرڻ ۽ کين خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سندن آرام گاهن تي گڏ ٿيا آهيون. ورسي تقريب ۾ حاجي خان لاکو ، سيد شهنشاھ ، عبدالفتاح جمالي ، غلام نبي جوکيو ،صوفي فنڪار رضوان چانڊيو ، شهيدن جي وارثن علي خان خاصخيلي ، انور خاصخيلي، خادم سولنگي . اقبال چانڊيو ، سعيد خان چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جي رهائشگاهه تي 16 شهيدن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪري خيرات جي ماني ڪئي وئي.
بشنوئي گينگ جو سلمان کان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ رقم جو مطالبو
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
سرڪاري ملازمن جي ٻارن متعلق پاليسيون،پيڪج ۽ ڪوٽه غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر
عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور
ڪراچي ۾ 2 ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو
قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ اجلاس جو وقت تبديل
انگلينڊ کي شڪست، ٽيسٽ سيريز برابر، اسپنرز جو اپ سيٽ
وڊيو وائرل ٿيڻ کان ڇو نه روڪيو ؟ ٻارن جو روڊن تي اچڻ ناڪامي آهي
سنوار جي موت غزه جنگ جي خاتمي جي شروعات آهي: نتنياهو