ليفٽيننٽ جنرل (ر) مظفر عثماني دل جي دوري سبب فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل (ر) مظفر عثماني دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. سيندس لاش ڪينٽ لڳ نيوي جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. هو اڪيلو گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو هو ته کيس دل جو دورو پيو. پوليس لاش اسپتال پهچايو. جڏهن جنرل پرويز مشرف جو جهاز لهڻ نه پئي ڏنو ويو ته ان وقت ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر مظفر عثماني هو جنهن ايئرپورٽ جو ڪٽرول سنڀالي مشرف کي لينڊ ڪرايو هو، جنهن بعد هن نواز شريف کي گرفتار ڪري مارشل لا هنيو هو.

Photo whatsapp

جنرل مشرف ان وقت جنرل عثماني کان پڪ ڪرڻ لاءِ سندس پالتو ڪتي جو نالو پڇو هو جنهن بعد پڪ ٿيڻ تي هن جو جهاز لٿو هو.   ٻن سالن بعد جنرل مشرف جي فوجي بغاوت ڪامياب ڪرائيندڙ جنرل محمود ۽ جنرل عثماني کي ٻن سالن بعد جڏهن مشرف طالبان جي حمايت ختم ڪري آمريڪا سان تعاون جو فيصلو ڪيو ته برطرف ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو