زمبابوي خلاف پاڪستان جي پهرين ڪاميابي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ کيڏي ويل 3 ون ڊي هڪ ڏينهن جي سيريز جي پهرين راند ۾ پاڪستان طرفان ڏنل هدف جي تعاقب ۾ زمبابوي جي پوري ٽيم شاهين آفريدي ۽ وهاب رياض جي زبردست بالنگ جي نتيجي ۾ 255 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي زبردست بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 رانديگرن کي پويلين موڪليو جڏهن ته وهاب رياض 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ پاڪستان ٽن 3 ون ڊي هڪ ڏينهن جي سيريز جي پهرين راند ۾ زمبابوي خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. اها راند راولپنڊي جي اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، رانديگرن ۾  فخر زمان، عابد علي، امام الحق، حارث سهيل، محمد رضوان، افتخار احمد، فهيم اشرف، عماد وسيم، وهاب رياض ۽ شاهين آفريدي شامل آهن. ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ هو ته زمبابوي خلاف بهتر راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ياد رهي ته پاڪستان 13 مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن جي راند کيڏي رهيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو