آخري ون ڊي زمبابوي سپر اوور ۾ کٽي ورتي

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز جي آخري ميچ دلچسپ مقابلي بعد سپر اوور ۾ زمبابوي کٽي پاڪستان کي ڪلين سوئيپ کان محروم ڪري ڇڏيو. زمبابوي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 278 رنز جو ٽارگٽ ڏنو. پاڪستاني بالر محمد حسنين 10 اوورز ۾ 26 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون. پاڪستاني بيٽسمين شروع کان ئي ناڪام رهيا ابتدائي ٻن اوورز ۾ ٻئي اوپنر آئوٽ ٿيا ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون. ڪپتان بابر اعظم 125 رنز ٺاهي 49هين اوور ۾ آئوٽ ٿيو، جنهن بعد آخري بال تي 5 رنز کٽڻ لاءِ گهربل هيون پر موسيٰ خان چوڪو هڻي ميچ برابر ڪري ڇڏيو. جنهن بعد سپر اوور ۾ فيصلو ٿيو، پاڪستاني بيٽسمين رڳو 2 رنز ٺاهي سگهيا. زمبابوي جي بالر بليسنگ مزرباني 5 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو