نيوزيلينڊ دوري تي ويل اسڪواڊ جي هڪ وڌيڪ ميمبر کي ڪورونا

لاهور (ويب ڊيسڪ)  نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ويل قومي اسڪواڊ جو هڪ ٻيو ميمبر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي پيو آهي نيوزيلينڊ اٿارٽي موجب متاثر ميمبر جي انٽرويو کان پوءِ کيس قرنطينه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن کان علاوه ٻين ميمبرن جي  ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي.30 نومبر کان نيوزيلينڊ ۾ قومي.اسڪواڊ جي ٽئين ٽيست ڪرائڻ جو امڪان آهي ۽ ڪورونا جي پکيڙ کي  نظر ۾ رکندي قومي اسڪوارڊ جي ٽريننگ تي پابندي برقرار رهندي. 

پهنجو تبصرو موڪليو