آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستاني ڪپتان شاداب خان پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ڪپتاني ۾ ميچ هارائي ويو. ٽاس کٽي پاڪستان اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان جو ٽاپ بيٽنگ آرڊر ناڪام ٿي ويو. سرفراز احمد کي نه کيڏايو ويو، محمد رضوان ۽ عبدالله شفيق اننگ اوپن ڪئي. عبدالله بنا رن ٺاهي ٻئي بال تي جيڪب ڊفي جي بال تي چيپمين هٿان ڪيچ ٿيو.حيدر علي ڪوگيليجن جي بال تي بالر هٿان 5 بالن تي 3 رن ٺاهي ڪيچ ٿيو. محمد رضوان ڊفي جي بال تي 17 رن ٺاهي گلين فلپ هٿان ڪيچ ٿيو. هن 17 بالن تي ٽن چوڪن جي مدد سان 17 رنز ٺاهيون. محمد حفيظ پهرين بال تي ڪيچ ٿيو. ڊفي جي بال تي مارڪ چيپمين سندس ڪيچ پڪڙيو. شاداب خان ٻن چڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 32 بالن تي 42 رنز ٺاهي ڊفي جو چوٿون شڪار بڻيو، سندس ڪيچ اِش سوڍي پڪڙيو. خوشدل ٻن چوڪن جي مدد سان 20 بالن تي 16 رنز ٺاهي سوڍي جي بال تي گُپٽل هٿان ڪيچ ٿيو. عماد وسيم ٻن چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 19 رنز ٺاهي اسٽاڪ ڪگليجن جي بال تي بليئر ٽڪنر هٿان ڪيچ ٿيو. فهيم اشرف 3 چڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 31 رنز ٺاهي ٽڪنر جي بال تي گپٽل هٿان ڪيچ ٿيو. وهاب رياض ۽ شاهين آفريدي پنج پنج بالن تي ترتيبوار 9 ۽ 10 رنز ٺاهيون ٻنهي هڪ هڪ ڇڪو هنيو. پاڪستان 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن تي 153 رنز ٺاهيون. نيوزيلينڊ جي اننگ جي شروعات به ڪا سٺي نه هئي پر گُپٽل 6 رنز ٺاهي شاهين فريدي جي بال تي شاداب هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو پر ٻئي اوپنر ٽِم سِيفرٽ بهترين راند کيڏندي هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 43 بالن تي 57 رنز ٺاهي آفريدي جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو. ڊيوون ڪونوائي کي حارث رئوف پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيو.گِلين فلپ 23 رنز ٺاهي حارث رئوف جو شڪار بڻيو، مارڪ چيپمين 34 رنز ٺاهيون ته حارث رئوف کيس ايل بي ڊبليو ڪيو. جيمس نشام 15۽ مِشل سينٽنر 12 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. نيوزيلينڊ جي جيڪب ڊفي کي 4 اوورز ۾ 33 رنز ڏئي 4 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار