نئون ديرو( رپورٽ شاد محمود ڀٽو)پيرآف گمبٽ سيد مصري شاہ جيلاني جي ياد ۾ فائنل ڪرڪيٽ مئچ ميونسپل اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿي ،سخت مقابلي بعد علي وارث ڪلب مئچ کٽي ورتي ، رنر اپ ۽ ونراپ ٽيمن ۾ انعام تقسيم ڪيا ويا.نئون ديرو جي نوجوانن غلام مرتضي’ مڱڻيجو ، ونيش ڪمار،ڪمليش ڪمار ،سونو ڪمار طرفان پير آف گمبٽ ۽ نئون ديرو جي روحاني شخصيت سيد مصري شاہ جيلاني رح جي ياد ۾ شھيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم نئون ديرو ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪيو ويو جنھن ۾ ضلعي جي مختلف ٽيمن حصو ورتو ،جڏھن ته فائنل مئچ ٻن ٽيمن دي ڪلب ۽ علي وارث ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ٿي ،ٽاس کٽي علي وارث پھريان بيٽنگ ڪندي اٺن اوورن ۾ 120 اسڪور ٺاھيو جڏھن ته دي ڪلب بيٽنگ ڪندي سخت مقابلو ڪيو پر مقرر اوورن ۾ اسڪور چيز نه ڪري سگھيا 90 اسڪور ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ علي وارث ڪرڪيٽ ڪلب 30 رنسن تان مئچ کٽي ورتي مھمان خاص سيد مصري شاھ رح جي فرزند گادي نشين سيد بھادر علي شاھ کٽيندڙ علي وارث ڪلب واري ٽيم کي ٽرافي ۽ ٻه ھزار روپيا ڪيش انعام ڏنو،جڏھن ته علي وارث ڪلب جي سھيل احمد آگاڻي ،عبدالرحمان کوکر جي بھترين ڪارڪردگي سبب مئچ ۾ سوڀ ڏياري،ان کان علاوہ نئون ديرو ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳواڻن شمشاد علي ڦلپوٽو ،جبران پھوڙ،محمد علي خروس ،اختيار علي مڱڻيجو ۽ نئون ديرو پريس ڪلب جي سينئر صحافين،حسن عابد ڀٽو ،خليل الله مڱڻيجو ۽ نئون ديرو سينئر استاد پرڪاش ڪمار بھترين راند کيڏندڙ رانديگرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون تقسيم ڪيون ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا.ٻئي طرف راند ۾ ڪمپيئرنگ جا فرض نوجوان عبدالمنان ڀٽو سرانجام ڏنا.
بشنوئي گينگ جو سلمان کان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ رقم جو مطالبو
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
سرڪاري ملازمن جي ٻارن متعلق پاليسيون،پيڪج ۽ ڪوٽه غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر
عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور
ڪراچي ۾ 2 ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو
قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ اجلاس جو وقت تبديل
انگلينڊ کي شڪست، ٽيسٽ سيريز برابر، اسپنرز جو اپ سيٽ
وڊيو وائرل ٿيڻ کان ڇو نه روڪيو ؟ ٻارن جو روڊن تي اچڻ ناڪامي آهي
سنوار جي موت غزه جنگ جي خاتمي جي شروعات آهي: نتنياهو