هيملٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان کي نيوزيلينڊ ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچز جي سيريز کٽي ورتي.19.2 اوورز ۾ اوپنر ٽِم سيفرٽ ۽ ڪپتان ڪين وليم سن ميچ کٽي ورتي، پاڪستاني بالر بي وس نظر آيا رڳو گپٽل جي وڪٽ حاصل ڪري سگهيا. جيڪو 22 رنز ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي حارث سهيل هٿان ڪيچ ٿيو. سيفرٽ 8 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 63 بالن تي 84 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ون ڊائون بيٽسمين ڪين وليم سن 8 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 42 بالن تي 57 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هيملٽن جي شيڊون پارڪ ۾ کيڏيل ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. حيدر علي ۽ محمد رضوان اننگ اوپن ڪندي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر حيدر علي 16 جي مجموعي اسڪور تي 8 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. عبدالله شفيق پوئين ميچ جيان ٻئي بال تي بنا رن ٺاهي آئوٽ ٿيو. حفيظ ۽ رضوان اسڪور اڳتي وڌايو پر رضوان 22 رنز ٺاهي ٽِم سائوٿي جو ٽيون شڪار بڻيو. ڪپتان شاداب خان 4 رنز ٺاهي نيشام جي بال تي سائوٿي هٿان ڪيچ ٿيو. خوشدل به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 12 رنز ٺاهي سوڍي جي بال تي گُپٽل هٿان بائونڊري تي ڪيچ ٿيو. نيوزيلينڊ ڪين وليمسن ۽ ٽِم سائوٿي سميت 4 رانديگر ن کي کيڏايو ۽ ٽيم ۾ تبديلي ڪئي. حفيظ زبردست اننگ کيڏندي ففٽي اسڪور ڪئي. فهيم اشرف 4 رنز ٺاهي ٽِم سائوٿي جو چوٿون شڪار بڻيو. جنهن بعد عماد وسيم آيو جنهن 19هين اوور ۾ ٻه بال مس ڪرڻ بعد بولٽ کي لڳاتار ٻه چوڪا هنيا ۽ 9 رنز ورتيون. آخري اوور جيميسن ڪرايو جنهن کي حفيظ هڪ ڇڪو، هڪ چوڪو ۽ وري هڪ ڇڪو هڻي 99 ناٽ آئوٽ رهيو. هن 57 بالن تي 10 چوڪن ۽ 5 ڇڪن جي مدد سان 99 ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان مقرر 20 اوورز م 6 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنز ٺاهيون.
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار