ويلنگٽن (ويب ديسڪ)پاڪستان ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي نيپئر ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 173رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستان جي محمد رضوان جي بهترين بيٽنگ سبب پاڪستان گهربل حدف 2 بال اڳ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو. قومي ٽيم طرفان محمد رضوان ۽ حيدر علي گذريل ٻن ٽي ٽوئنٽي جي مقابلي ۾ ٽيم کي 40 رنسن جي شروعات ڏني.حيدرعلي 11 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿيو جنهن کان پوءِ پوئين ميچ ۾ 99 رنسن جي اننگز کيڏندڙ محمد حفيظ بيٽنگ جي لاءِ آيو ۽ 41 رنسن جي اننگز کيڏي واپس پويلين موٽي ويو. مڊل آرڊر بيٽسمين خوشدل شاهه به 13 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.فهيم اشرف به صرف 2 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين واپس موٽي ويو. جڏهن ته ڪپتان شاداب خان پهرين ئي بال تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 3 بالن تي 3 رنسون گهربل هيون جڏهن افتخار احمد ڇڪو هڻي ٽيم کي فتح ڏياري. محمد رضوان بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي اڌ سينچري اسڪور ڪئي ۽ وڪيٽ تي بيٺل رهيو هو آخري اوور ۾ 59 بالن تي 89 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا. بهترين ڪارڪردگي تي محمد رضوان کي مين آف دي ميچ سان نوازيو ويو جڏهن ته ٽم سيفرٽ کي مين آف دي سيريزڏنو ويو.
سرڪاري نوڪرين لاءِ 15 سالن جي رعايت ۾ پهرين جنوري تائين واڌ
مخصوص سيٽن تي اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، وضاحت
بشنوئي گينگ جو سلمان سان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ ڀنگ جو مطالبو
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
شهيدن کانسواءِ سرڪاري ملازمتن ۾ اولاد جي ڪوٽا غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر
عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور
ڪراچي ۾ 2 ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو
قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ اجلاس جو وقت تبديل
انگلينڊ کي شڪست، ٽيسٽ سيريز برابر، اسپنرز جو اپ سيٽ