همدرد آرگنائيزيشن جي ميزباني هيٺ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ

سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ ۾ همدرد آرگنائيزيشن جي ميزباني هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب سڪرنڊ ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ ۾ ٿي گذري. ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.ٽورنامينٽ ۾ همدرد يونائيٽيڊ ،سعيد زلمي ، ڊائمنڊ ڪنگ ، اظهر قلندر ، حيدري گليڊيٽرز ، جيو سلطان حصو وٺي رهيون آهن. ٽورنامينٽ جون ميچون 20 اوورن تي مشتمل هونديون.  ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ 15 جنوري تي ٿيندو. جنهن ۾ کٽيندڙ ٽيم کي ٽرافي سان گڏ ٻه لک روپيه نقد انعام ڏنو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ شامل ڇهني ٽيمن جي رانديگرن پاران پنهنجي ڪئپٽن حسام رند ، شهباز شيخ ، صالح ڪيريو ، منصور راول ، مصطفيٰ ڪيريو ، امير الدين انڙ ، علي حسن انڙ سان گڏ ريلين جي صورت ۾ گرائونڊ ۾ پهتا. ان موقعي تي شاندار آتشبازي ڪئي وئي. اففتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ گل محمد رند چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجا حق ملڻ گهرجن. هن ٽورنامينٽ کيڏڻ بعد نوجوان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺي سگهندا. راند ۾ هار جيت ٿيندي آهي پر نوجوانن کي راند کي راند ڪري کيڏڻ گهرجن اسان جا نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ امام الدين ڪيريو ، الطاف ڀٽي ، قاضي جاويد سنائي ، ميڊيا سينٽر سڪرنڊ جي صدر قربان عمراڻي ، علي شير انڙ ، اقبال رند ، طفيل جمالي ، رضا محمد سيال ، ڪامل رند ، راشد کهڙو ، امير گل ، محمد يامين شيخ، مير حسن رند ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو. ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ڊائمنڊ ڪنگ ۽ سعيد زلمي وچ ۾ ٿي گذري. 

پهنجو تبصرو موڪليو