ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي اننگز ۾ فواد عالم جي سينچري به ڪم نه اچي سگهي ۽ پاڪستان کي ميچ ۾ 101 رنسن تان شڪست ملي وئي.مائونٽ مانگانوئي ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن پاڪستان پنهنجي ٻئي نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته اظهر علي 34 ۽ فواد عالم 21 رنسن تي موجود هئا. اظهر علي پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ صرف 4 رنسن جي اضافي کان پوءِ 38 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پر فواد عالم نيوزيلينڊ جي بالرن سامهون بيهي رهيو ۽ ڪپتان محمد رضوان به سندس ڀرپور ساٿ ڏنو.فواد عالم 11 سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سينچري اسڪور ڪئي جيڪا سندس ڪيريئر جي ٻئي سينچري هئي. فواد عالم جي سينچري ۾ 14 چوڪا شامل هئا. ان کان اڳ فواد عالم 2009 ۾ پنهنجي ٽيسٽ ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪئي هئي. فواد عالم 102 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي ڪرنيل ويڪٽر جو شڪار ٿيو. جڏهن ته محمد رضوان به 60 رنسن تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ٻنهي رانديگرن جي وچ ۾ 165 رنسن جي پارٽنر شپ ٿي. فهيم اشرف 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته ياسر شاهه بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ ۽ محمد عباس هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو. نسيم شاهه هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته شاهين آفريدي 8 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.قومي ٽيم 271 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ اهڙي طرح پاڪستان کي ميچ ۾ 101 رنسن تان شڪست ملي آهي. نيوزيلينڊ کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي تا برتري حاصل ٿي وئي آهي. ياد رهي ته نيوزيلينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 431 رنسون ٺاهيون هيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 239 رنسن تي ڍير ٿي وئي. جڏهن ته ميزبان ٽيم ٻئي اننگز 180 رنسون 5 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 374 رنسن جو حدف ڏنو هو.
مخصوص سيٽن تي اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، وضاحت
بشنوئي گينگ جو سلمان سان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ ڀنگ جو مطالبو
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
شهيدن کانسواءِ سرڪاري ملازمتن ۾ اولاد جي ڪوٽا غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر
عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور
ڪراچي ۾ 2 ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو
قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ اجلاس جو وقت تبديل
انگلينڊ کي شڪست، ٽيسٽ سيريز برابر، اسپنرز جو اپ سيٽ
وڊيو وائرل ٿيڻ کان ڇو نه روڪيو ؟ ٻارن جو روڊن تي اچڻ ناڪامي آهي