حيدرآباد (ن سنڌيار) سنڌ پاڪستان جي نوجوان ايٿليٽس دنيا جي 300 کان وڌيڪ مقابلي وارن کي شڪست ڏئي 29 ورلڊ ميري چيمپين شپ عالمي فائنل کٽي ورتي آهي.ايما عالم ٽن ڏينهن جي مقابلي ۾ 10 کان وڌيڪ مضمونن ۾ حصو ورتو. جن ۾ چين، ڪينيڊا، برطانيه، ڏکڻ ڪوريا، ويٽنام، هندستان، ملائيشيا، آمريڪا، هانگ ڪانگ، مڪائو، تائيوان، ليبيا، قطر ۽ ايران جي اميدوارن حصو ورتو هيو. پاڪستان طرفان هلندڙ سال چيمپين شپ ۾ پاڪستان ٽيم جي اڳواڻي ايماءَ عالم ۽ سيده قصه ذهره ڪئي.هنن هن پروگرام ۾ ڪيترائي عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪيا. ورلڊ ميمري چيمپين شپ جي بنياد 1991ع ۾ عالمي مشهور ٽوني بوزان ۽ ريمنڊ ڪيني رکي. جنهن جو مقصد انساني يادائش کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ هيو. فوربز ميگزين موجب ٽوني بوزان ۽ ريمنڊ ڪيني ذهني صلاحيتن جي نظريئي کي دنيا ۾ مقبول ڪرايو. ٽوني 80 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ ۽ ذيلي ليکڪ رهي چڪو آهي ۽ ريمنڊ شطرنج راند جو گرينڊ ماسٽر ۽ ملڪه ايلزبيٿ جو اڪثر خاص رهي چڪو آهي. ايماءَ عالم ڱي هن ايونٽ جي کٽڻ تي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي آهي.هن جو چوڻ آهي ته مون سميت منهنجي ڪوچ ۽ ٽيم هن سال ايونٽ کٽڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي. مان حيران آهيان ته انسان جو دماغ ڪيترو طاقتور آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اڃان بهترين ڪارڪردگي سان ايندڙ سال وري مقابلي ۾ حصو رکڻ جو ارادو رکون ٿا.مان سمورن حصو وٺندڙن کي مبارڪباد پيش ٿي ڪريان. جنهن پوري دنيا سان مقابلي ۾ حصو ورتو آهي. ان کان علاوه عبيره اطهر 2020 جي عالمي مقابلي ۾ ستين نمبر تي آئي. ايماءَ عالم سان گڏ ٻين ٽيم ميمبرن جي انسٽيٽيوٽ آف هيومن ميمبري ڊولپمينٽ انٽرنيشنل ۾ تربيت ڏني وئي.
بشنوئي گينگ جو سلمان کان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ رقم جو مطالبو
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
سرڪاري ملازمن جي ٻارن متعلق پاليسيون،پيڪج ۽ ڪوٽه غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر
عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور
ڪراچي ۾ 2 ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو
قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ اجلاس جو وقت تبديل
انگلينڊ کي شڪست، ٽيسٽ سيريز برابر، اسپنرز جو اپ سيٽ
وڊيو وائرل ٿيڻ کان ڇو نه روڪيو ؟ ٻارن جو روڊن تي اچڻ ناڪامي آهي
سنوار جي موت غزه جنگ جي خاتمي جي شروعات آهي: نتنياهو