ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي خلاف کيڏيل ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ قومي ٽيم 297 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جنهن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ ٻئي ڏينهن جي ختم ٿيڻ تائين 3 وڪيٽن تي 286 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.ڪرائسٽ چرچ جي بينگلي اوول ۾ کيڏيل ميچ ۾ پهرين ڏينهن قومي ٽيم 297 رنسن تي پويلين موٽي وئي هئي ۽ ٻئين ڏينهن جي ختم ٿيڻ تي نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن 112 ۽ بينري نڪولس 89 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهي. نيوزيلينڊ طرفان ٽام ليتهم 33، ٽام بلنڊل 16 ۽ راس ٽيلر 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا پر ڪپتان ڪين وليمسن هڪ دفعو ٻيهر هڪ بيٽنگ ڪلاس ڏيکاريندي لاڳيتو ٻئي ۽ ٽيسٽ ڪيريئر جي 24هين سينچري اسڪور ڪئي. ان دوران بينري نڪولس ان جو ڀرپور ساٿ ڏيندي اڌ سينچري اسڪور ڪئي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. قومي ٽيم جو ٽاپ ارڊر هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿيو. شان مسعود بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو. عابد علي 25، حارث سهيل 1 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا.پوئين ميچ جي سينچري هڻندڙ فواد عالم به صرف 2 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو هو. واضح رهي ته نيوزيلينڊ کي 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پهريان ئي هڪ ٻُڙي جي ناقابل شڪست برتري حاصل آهي.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار