پاڪستان ڪپ ۾ پنجاب سنڌ کي شڪست ڏيئي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سينٽرل پنجاب سنڌ کي هارائي پاڪستان ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ  ڪامياب ٿي ويو.پاڪستان ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ سينٽرل پنجاب سنڌ کي 127 رنز جي ڳري مارجن سان شڪست ڏئي فائنل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، اسٽيٽ بينڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ 340 رنز جو پيڇو ڪندي سنڌ جي پوري ٽيم 212 رنز تي ڍير ٿي وئي.ميچ جي اهم موقعي تي اڌ سينچري اسڪور ڪندڙ ۽ هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ تي آل رائونڊر ظفر گوهر کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، سينٽرل پنجاب جي محمد علي 3 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.ان کان پهريان فاتح ٽيم مقرر پنجاهه اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 339 رنز ٺاهيون، سنڌ جي حسان، حسنين ۽ شاهنواز 2.2 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو