راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ اڄ ٻيون ٽيسٽ ميچ کيڏيو پيو وڃي. جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 21 رنسن تي ئي ڪري پئي ۽ عمران بٽ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. عمران بٽ کان پوءِ ايندڙ ٻيون رانديگر اظهر علي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي پويلين موٽي ويو جنهن کان پوءِ عابد علي به صرف 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ۽ 22 رنسن تي پاڪستان کي ٽن وڪيٽن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. جنهن کان پوءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ فواد عالم ذميواري جو مظاهرو ڪندي محتاط انداز ۾ اسڪور کي اڳيان وڌايو ۽ ماني جي وقفي تائين هو 63 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا.ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽيست واري ٽيم کي ئي برقرار رکيو آهي اها ٽيسٽ به کٽي سيريز ٻه ٻڙي سان پنهنجي نالي ڪرڻ چاهيون ٿا. ٻئي طرف مهمان ٽيم لونگي نگيڊي جي جڳهه آل رائونڊر ويان ملڊر کي ٽيم ۾ شامل ڪيو آهي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏني هئي جنهن سبب پاڪستان کي سيريز ۾ برتري حاصل آهي.
آئيني ترميم جو مسودو اتفاق راءِ سان منظور ،خورشيد شاهه
مولانا سان بلاول جي ملاقات،آئيني ترميمن تي ڳالهيون
جي ڊي اي پاران 6 ڪئنال جي تعمير خلاف بيداري مارچ جو اعلان
مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، عدالت
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
ڀارتي انٽيلجنس اهلڪار تي قتل ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو
سرڪاري نوڪرين لاءِ 15 سالن جي رعايت ۾ اڍائي مهينن تائين واڌ
بشنوئي گينگ جو سلمان سان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ ڀنگ جو مطالبو
شهيدن کانسواءِ سرڪاري ملازمتن ۾ اولاد جي ڪوٽا غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر
عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور