ڏکڻ آفريقا جي اڌ ٽيم پويلين موٽي وئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا پاڪستان جي خلاف پنهنجي پهرين اننگز ۾ 152 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان جي اڌ ٽيم پويلين واپس موٽي وئي آهي.راولپنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريقا پنهنجي پهرين نامڪمل اننگز جي شروعات 106 رنسون 4 رانديگر آئوٽ کان ڪيو پر 114 جي گڏيل رنسن تي  آفريقي ٽيم جو ڪپتان ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ شاهين شاهه آفريدي جي بال تي 29 رنسون ٺاهي بولڊ ٿي ويو.ٽمباباووما 30 ۽ ويان ملڊر 24 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن. ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 272 رنسون ٺاهيون هيون جنهن ۾ فهيم اشرف 78 ۽ بابر اعظم جون 77 رنسون نمايان رهيون. جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي انرچ نوجي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو