ڏکڻ آفريقا جي سموري ٽيم ٻه سئو هڪ رنسن تي آئوٽ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم جي بالر حسن علي جي بهترين بالنگ سبب ڏکڻ آفريقا جي سموري ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 201 رنسون ٺآهي آئوٽ ٿي وئي.پاڪستان کي ڏکڻ آفريقا تي 71 رنسن جي برتري حاصل آهي. ڏکڻ آفريقا ٽئين ڏينهن جي شروعات 106 رنسون 4 رانديگر آئوٽ تي ڪئي ته ڏينهن جي پهرين بال تي آفريقي ڪپتان شاهين شاهه جي بال تي بولڊ ٿي ويو. ڊڪ ڪاڪ جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ڏکڻ آفريقا جو ٽيل اينڊرز ٿوري مزاحمت ڏيکاري پر هو به حسن علي جي ريورس سوئنگ جي اڳيان گهڻي دير نه بيهي سگهيو. ان کان اڳ ڏکڻ آفريقا جي خلاف قومي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 272 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.راولپنڊي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان 145 رنسن کان راند شروع ڪئي ته قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعطم ٻئي بال تي 77 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. بابر جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪپتان محمد رضوان فواد عالم جو ساٿ ڏيڻ آيو پر قومي ٽيم جي پنجين وڪيٽ به جلد ڪري جڏهن فواد عالم 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو