علي سدپارا ۽ ساٿين جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي ٽو جبل جي چوٽي پار ڪرڻ دوران ٻن پرڏيهي ساٿين سميت گم ٿي ويل جبل چاڙهو علي سد پارا جي ڳولا لاءِ پاڪ فوج پاران اڄ به ريسڪيو آپريشن جاري آهي. علي سد پارا ۽ سندس ساٿين جي ڳولا لاءِ هيليڪاپٽرز جي مدد سان ڪي ٽو جبل جي 7 هزار ميٽر اوچائي تائين آپريشن ڪيو ويو پر موسم خراب هجڻ سبب ڪاميابي نه ملي سگهي. علي سد پارا جي گم ٿيڻ تي جتي سندس مداح غم ۾ ورتل آهن، اتي سياسي شخصيتن پاران به سندس سلامتي سان واپسي لاءِ دعا جون اپيلون ڪيون پيون وڃن.گلگت بلتستان جي وڏي وزير پاران علي سد پاره جي سلامتي سان واپسي لاءِ قوم کي دعا جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته علي سد پاره قومي هيرو آهي، سندس ڳولا پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو