18 سالن بعد ڏکڻ آفريڪا کي ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان پاران شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي پاڪستاني بالرن ڏکڻ آفريڪا جي سڄي ٽيم کي ٻئي اننگ ۾ 274 تي آئوٽ ڪري 95 رنز تان ميچ کٽي ورتي. ڏکڻ آفريڪا کي 375 رنز جو ٽارگٽ ڏنوويو هو. راند جي آخري ڏينهن ڏکڻ آفريقا پنهنجي ٻئي نامڪمل اننگز شروع ڪئي ته اوپنر ايڊن مارڪرم 108 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي عمران بٽ هٿا ڪيچ ٿيو. ڊين اِيلگر 5917رنز، روسي وين ڊَر ڊُسن 48 رنسن تي حسن علي بولڊ ڪيو.

حسن علي 127 جي گڏيل اسڪور تي پهريان ڊُسن کي آئوٽ ڪيو ۽ پوءِ فاف ڊوپليسي کي به 135 رنسن تي پويلين موڪلي ڇڏيو. ٽِيمبا بَئوما 61 رنز تي شاهين آفريدي جي بال تي ڪيچ ٿيو، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ زيرو تي حسن علي جي بال تي عمران بٽ هٿان ڪيچ ٿيو. ويان مُلڊر 20 رنز ٺاهي ياسر شاه هٿان بولڊ ٿيو، جارج لِنڊي 4 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو، ڪَجيدو ربادا کي زيرو تي شاهين آفريدي بولڊ ڪيو، ڪيشو مهراج شاهين جي بال تي بنا رن ٺاهڻ جي عمران بٽ هٿان ڪيچ ٿيو، اَينرچ نَورٽجَي 2 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. حسن علي 5، شاهين آفريدي 4 ۽ ياسر شاهه کي هڪ وڪيٽ ملي. پاڪستاني اوپنر ٻنهي اننگز ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا. پهرين اننگ ۾ عمران بٽ 3 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي 15 رنز ۽ ٻئي اننگ ۾ زيرو تي آئوٽ ٿيو هو، جڏهن ته عابد علي پهرين اننگ ۾ 43 بالن تي 6 رنز ۽ ٻئي اننگ ۾ 53 بالن تي 13 رنز ٺاهي سگهيو هو. اظهر علي پهرين اننگ ۾ زيرو ۽ ٻئي اننگ ۾ 33 رنز ٺاهيون، بابر اعظم پهرين اننگ ۾ 77 ۽ ٻئي ۾ 8 رنز ٺاهي سگهيو، فواد عالم پهرين ۾ 45 ۽ ٻئي اننگ ۾ 12 رنز ٺاهيون، محمد رضوان پهرين اننگ ۾ 18 ۽ ٻئي ۾ 115 رنز اسڪور ڪيون، فهيم اشرف پهرين اننگ ۾ 87 ۽ ٻئي ۾ 29 رنز ٺاهيون، حسن علي 8 ۽ 5 رنز، ياسر شاه 8۽ 23، نعمان علي 8 ۽ 45 ۽ ساهين آفريدي زيرو ۽ 4 رنز ٺاهيون هيون. ٻئين اننگز ۾ محمد رضوان جي شاندار سينچري جي سبب پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ جي لاءِ 370 رنسن جو حدف ڏنو هو. پهرين اننگ ۾ پاڪستاني ٽيم 272 رنز ۽ ٻئي اننگ ۾ 298 رنز ٺاهيون هيون. ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگ ۾ 201 ۽ ٻئي اننگ ۾ 274 تي آل ائوٽ ٿي وئي.  پاڪستان ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو