انگلينڊ جي ڀارت کي پهرين ٽيسٽ ۾ 227 رنز تان شڪست

لنڊن (ويب ديسڪ) انگلينڊ 4 ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڀارت کي 227 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڪپتان جو روٽ ڊبل سينچري اسڪور ڪئي ۽ انگلش بالرز به ساندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. چنئي ۾ کيڏيل ميچ دوران انگلينڊ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو 578 رنز اسڪور ڪيو، جنهن ۾ ڪپتان جو روٽ 218، ڊوم سبلي 87، بين استوڪس 82 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت پهرين اننگ ۾ 337 رنز ٺاهي سگهي، انگلينڊ ٻئي اننگ ۾ 178 رنز اسڪور ڪيا جنهن ۾ جو روٽ 40 رنز سان نمايان رهيو. ڀارت ٻئي اننگ ۾ 192 رنز ٺاهيا جنهن ويرات ڪولهي 72 ۽ شمن 50 رنز اسڪور ڪيا. جيڪ ليچ 4 ۽ اينڊرسن 3 وڪيٽون ورتيون ٻين بالرن کي هڪ هڪ وڪيٽ ملي. تفصيلي اسڪور ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو