پي ايس ايل جهڙو بالنگ معيار ڪٿي به ناهي، آفريدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني قومي ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ڪرڪٽ جي دنيا ۾ پاڪستان سپر ليگ ۾ جيڪو بالنگ جو معيار آهي اهو دنيا جي ڪنهن ليگ ۾ ناهي. پي ايس ايل 6 ۾ ملتان سلطان جي نمائندگي ڪندڙ آفريدي جيو نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته هو پي ايس ايل جو بيچيني سان انتظار ڪري رهيو آهي ۽ هن ڀيري هو شائقين کي هر گز مايون نه ڪندو. 20 هين فيبروري کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل 6 جي افتتاحي تقريب ترڪي ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ملتان سلطان جي ڪپتاني محمد رضوان ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو