ماهره خان جي نئين سيريز ‘ٻارهون کلاڙي‘

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ادا ڪارا ماهره خان ‘ٻارهون کلاڙي‘ جي نالي سان پنهنجي پروڊڪشن هائوس مان اسپورٽس ويب سيريز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هي اسپورٽس سيريز آهي پر سندس چوڻ آهي ته هن ۾ محبت، دوستي ۽ قرباني جا جذبا به نمايان هوندا. هي ويب سيريز ‘سول فراءِ فلمز’ Soul Fry Films پاران تيار ٿيندڙ پهرين سيريز آهي جيڪا پاڪستاني ويب اسٽريمنگ سائٽ tapmad.tv تان نشر ٿيندي. هن سيريز ۾ ماهره پاڻ اداڪاري نه پئي ڪري البته نوجوان يو ٽيوبر ۽ ٽڪ ٽاڪرز کانسواءِ سرمد کوسٽ، ميرا سيٺي ۽ صبا فيصل هن ڪاسٽ ۾ شامل هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو