پاڪستان جي ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ ميزبان کي شڪست

سينچورين (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ اوپنرز جي شاندار بيٽنگ سبب 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. ڪپتان بابر اعظم شاندار بيٽنگ ڪندي   122 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته محمد رضوان 73 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. بابر اعظم جي ٽي 20 ۾ اها پهرين سينچري هئي جنهنن 59 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 15 چوڪن جي مدد سان 59 بالن تي 122 رنز مڪمل ڪندي، ڪپتان هينري هٿان ليزاد جي بال تي ڪيچ ٿيو. هن ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊند جو فيصلو ڪيو، ڏکڻ آفريڪا پهرين بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي 203 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، ميزبان ٽيم جي ٻنهي اوپنرز ففٽيون مڪمل ڪندي 108 رنز جو شاندار اسٽارٽ ڏنو، مرڪرم 63 ۽ ملان 55 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. پهرين وڪيٽ محمد نواز کي مرڪرم جي انسائيڊ ايج تي بولڊ ٿيڻ جي صورت ۾ ملي. جنهن 31 بالن تي 4 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هنيا. ملن به 55 رنز ٺاهي نواز جو ٻيو شڪار بڻيو پر ان کان اڳ جارج لِنڊي 11 بالن تي 22 اسڪور ڪري چڪو هو. ڪپتان وينري ڪالسن ۽ فلوڪوايو به بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ ترتيبوار 15 ۽ 11 رنز ٺاهي پويلين موٽيا. آخري اوورز ۾ راسي ڊوسن جارحاڻي شروعات ڪندي 20 بالن تي 34 رنز ٺاهي ٽيم جو اسڪور مقرر اوورز ۾ 205 تائين پهچايو. محمد نواز ٻن وڪيٽن سان ڪامياب بالر رهيو، حسن، فهيم ۽ شاهين شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. موٽ ۾ پاڪستان گهربل اسڪور 18هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو. اهڙي ريت پاڪستان کي 4 ميچن جي سيريز ۾ ٻن ميچن جي سرسي حاصل آهي.ابتدا جي ٻنهي اوورز ۾ اوپنرز جي سست رفتار سبب لڳو ته پاڪستان ڊڄي ويو پر بعد ۾ بابر جي جارحاڻي انداز سبب هن 27 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي، جنهن گذريل ميچ ۾ 50 بالن تي 50 رنز اسڪور ڪيا هئا ۽ سڀني مٿس تنقيد ڪئي هئي ته هو ذات لاءِ کيڏيو هو ملڪ لاءِ نه کيڏيو هو. رضوان به 32 بالن تي ففٽي ڪئي، ميزبانن کي پهرين وڪيٽ ان مهل ملي پئي جڏهن 13 هين اوور ۾ رضوان جو ڪيچ بائونڊري تي هنن ڊراپ ڪيو. بابر اعظم پنهنجي ٻئي ففٽي 22 بالن تي مڪمل ڪري ڪيريئر جي پهرين سينچري ٽي 20 ۾ ٺاهي. بابر اعظم ۽ رضوان 197 رنز جي رڪارد پارٽنر شپ ٺاهي. پاڪستان ٽن رانديگرن کي آرام ڪرايو، جن ۾ شرجيل خان، عثمان قادر ۽ محمد حسنين کي آرام ڪرايو. سندن جاءِ تي فخرالزمان، حارث رئوف ۽ آصف کي کيڏايو.

پهنجو تبصرو موڪليو