پاڪستان 3-1 تان ٽي ٽوئنٽي سيريز به ڏکڻ آفريڪا کٽي ورتي

سينچورين(ويب ديسڪ) چئن ٽي 20 ميچز جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان 3 وڪيٽن تان ڏکڻ آفريڪا کي ڊرامائي انداز ۾ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3-1 تان سيريز کٽي ورتي. ننڍو اسڪور چيز ڪندي ٽاپ آرڊر بهترين ابتدا ڪئي پر مڊل آرڊر ناڪم ٿيو، نواز 19.5 اوورز ۾ ڇڪو هڻي ميچ کٽائي.

Photo PCB Twitter

ان کان اڳ ٽاس کٽي ميزبان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني وئي ۽ هو 20 اوورز پورا به نه کيڏي سگهيا. 19.3 اوورز ۾ 144 رنز تي پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي. 145 رنز جي ٽارگيٽ چيز ڪرن لاءِ رضوان ۽ بابر اعظم آيا ته ميچ جي ٻئي بال تي رضوان ڪيريز کان نڪري هٽ لڳائڻ جي ڪوشش ۾ زيرو تي آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد فخر ۽ بابر اسڪور اڳتي وڌايو، فخر جارحاڻي اننگ کيڏي 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 60 رنز اسڪور ڪري ليزاد وليم جي بال تي ڏهين اوور ۾ ڪيچ ٿيو. ان وقت مجموعي اسڪور 92 رنز هو. جنهن بعد بابر اعظم جو سات ڏيڻ لاءِ حفيظ آيو. ساڳئي اوور ۾ بابراعظم 3 چوڪن جي مدد سان 23 بالن تي 24 رنز ٺاهي بائونڊري تي ڪيچ ٿيو، شمسي سندس زبردست رننگ ڪيچ پڪڙيو. 98 جي مجموعي اسڪور تي 9.5 اوورز ۾ پاڪستان جا 3 ٽاپ آردر بيٽسمين آئوٽ ٿيا. حفيظ جو سات ڏيڻ لاءِ حيدر علي آيو. 104 جي مجموعي اسڪور تي حيدر علي 3 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو، حفيظ ٻ 10 رنز ٺاهي واپس موٽيو، آصف علي به 5 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو جنهن بعد فهيم ۽ نواز ٽُڪ ٽُڪ ڪري اسڪور اڳتي وڌايو. ابتدا ۾ بيٽنگ زبردست ڪئي پر ٽاپ آرڊر جي آئوٽ ٿيڻ بعد ڪنهن به ٻوٽو نه ٻاريو. ڏکڻ آفريڪا جي پهرين وڪيت ايڊن مرڪرم جي ٻئي اوور م ڪري هن پنج بالن تي هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 11 رنز ٺاهيون، کيس محمد نواز ايل بي دبليو ڪيو.

جنهن بعد جينمين ملن ۽ ريسي ويب ڊر ڊسن ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 8.3 اوور ۾ ملن 73 جي مجموعي اسڪور تي هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 33 رنز ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي فخر هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڊسن ۽ ڪلاسن اسڪور اڳتي وڌايو پر ڪلاسن 109 جي مجموعي اسڪور تي 9 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ ان بعد 112 جي مجموعي اسڪور تي ڊسن به 52 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڪو به آفريڪي رانديگر ڊبل فگر اسڪور نه ڪري سگهيو ۽ لائين لڳي وئي. حسن علي ۽ فهيم اشرف ٽي ٽي ۽ حارث رئوف 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته محمد نواز ۽ شاهين آفريدي کي هڪ هڪ وڪيٽ ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو