عمر اڪمل ڏنڊ جي رقم جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)ينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي خلاف ورزي ڪرڻ واري قومي ڪرڪٽر عمر اڪمل 42 لک 50 ھزار رپيا جرماني جي ادائيگي ڪري ڇڏي آھي، عمر اڪمل ھاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ري ھيب جي پروگرام جو اھل ٿي ويو آھي. خيال رھي تھ ڪرڪيٽر عمر اڪمل تي راندين جي ثالثي عدالت 42 لک 50 ھزار رپيا ڏنڍ لڳايو ھو.، ري ھيب پروگرام جي لاءِ ڏنڍ کي قسطن ۾ ادائيگي جي عمر اڪمل پي سي بي کي درخواست ڪئي ھئي، جنھن کي رد ڪيو ويو ھو. ذريعن پي سي بي جو چوڻ آھي تھ عمر اڪمل ڏنڊ جي ادائيگي ڪري ڇڏي آھي، ھو ھاڻ پي سي بي جي ري ھيب پروگرام جو اھل آھي، پر ھي فور طور ممڪن ناھي، ڇو تھ انھيءَ وقت پي سي بي جو سيڪيورٽي اينڊ اينٽي ڪرپسن يونٽ ڇپي ايس ايل ۾ مصروف آھي، جڏھن تھ ڊومسٽن ڪرڪيٽ سيزن جتي عمر اڪمل کي ليڪچرز ڏيڻا آھن، اھي بھ آف آھي، عمر اڪمل کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي خلاف ورزي تي 3 سال جي پابندي جي سزا ٻڌائي وئي ھئي، جنھن کي آزاد ايڊ جيوڊيڪٽر گھٽ ڪري 18 مھينا ڪري ڇڏي ھئي. عمر اڪمل سزا جي خلاف ثالثي عدالت ۾ اپيل ڪئي ھئي. ھن کي 6 مھينن جو رليف تھ مليو پر گڏوگڏ جرمانو بھ لڳائي ڇڏيو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو