ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپرليگ جي باقي رهيل ميچن جي راهه ۾ رنڊڪون ته ختم ٿي رهيون آهن پر ان تي اڃاتائين غيريقيني جا ڪڪر ڇانيل آهن. نه ته اڃا تائين ڪراچي ۾ رهيل 25 رانديگرن جون ويزائون جاري ٿيون آهن، نه آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي رانديگرن جي آمد جي پڪ ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري باقي رهيل ميچن جون شيڊيول ئي پڌرو ڪيو ويو آهي. ان سلسلسي ۾ مليل معلومات موجب ڪورونا وائرس جي ڪري پي ايس ايل جون ملتوي ٿيل ميچون ابوظهبي ۾ ٿيڻ واريون آهن پر ان سلسلي ۾ اڃا ڪيترائي مونجهارا برقرار آهن. ابوظهبي مان اڃا تائين ڪوئيٽا گليڊيئيٽر جي ڪپتان سرفرار احمد سميت 25 رانديگرن کي ويزائون جاري نه ڪيون ويون آهن جنهن ڪري اهي رانديگر لاهور ۽ ڪراچي ۾ ئي موجود آهن ۽ بائيو سيڪيور ببل ۾ هوٽلن ۾ رهن پيا. جڏهن ته آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي رانديگرن جي ابوظهبي آمد بابت به ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي. انهن رانديگرن جي شموليت به غيريقيني آهي. ابوظهبي پهتل ٽيمن جا اسڪواڊ اڻپورا آهن. ان ڪري فرنچائز به سخت مونجهارن جو شڪار آهن. پي سي بي اڃا تائين رهيل ميچن جو شيڊول به جاري نه ڪري سگهي آهي. رانديگرن ۽ براڊ ڪاسٽرز جي وقت سر نه پهچڻ جي ڪري ميچون التوا جو شڪار آهن. پي سي بي ذريعن تمام جلد سمورا معاملا ڪليئر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
هڪ سيڪنڊ ۾ 20 فلمون ڊائونلوڊ ڪرڻ واري 6 جي جو تجربو
آئيني ترميمي مسودي تي اتفاق، ڪابينا جي منظوري بعد پارليمان م پيش ٿيندو
مولانا سان بلاول جي ملاقات،آئيني ترميمن تي ڳالهيون
جي ڊي اي پاران 6 ڪئنالز جي تعمير خلاف بيداري مارچ جو اعلان
مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، عدالت
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
ڀارتي انٽيلجنس اهلڪار تي قتل ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو
سرڪاري نوڪرين لاءِ 15 سالن جي رعايت ۾ اڍائي مهينن تائين واڌ
بشنوئي گينگ جو سلمان سان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ ڀنگ جو مطالبو
شهيدن کانسواءِ سرڪاري ملازمتن ۾ اولاد جي ڪوٽا غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر