ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ميچن جي شيڊيول ۾ هڪ ڀيرو وري دير ٿي وئي آهي پر ميچن لاءِ سخت پروٽوڪول تيار ڪيا ويا آهن. شيڊيولجلد جاري ٿيڻ جو امڪان هو پر ڀارتي براڊ ڪاسٽرن جي معاملي جي ڪري ان ۾ دير ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته براڊڪاسٽنگ جو معاملو حل ٿيڻ کانسواءِ شيڊيول جاري نه ٿو ٿي سگهي. جڏهن ته ميچن لاءِ پروٽوڪولز جاري ڪيا ويا آهن جيڪي انتهائي سخت آهن. هوٽلز جي ڪمري ۾ مينٽيننس عملي کانسواءِ ڪو به داخل ٿي نه سگهندو، ماسڪ نه پائڻ وڏي پڃڪڙي شمار ٿيندي. بي بي آءِ ايم پاران طلب ڪرڻ تي علامتون لازمي فراهم ڪرڻيون پونديون، ڪورونا پازيٽو علامتن يا رزلٽ واري شخص سان ملڻ سنگين غلطي هوندي جنهن جي ڀڃڪڙي تي وارننگ، ڇڙٻ ۽ ميچ في ڪاٽڻ جي سزا ڏني ويندي. سنگين ڀڃڪڙي تي هڪ کان 5 ميچن جي پابندي به لڳائي ويندي. ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته چارٽرڊ فلائٽ وسيلي پهتل رانديگرن جو قرنطينا جو مدو اڄ پورو ٿي رهيو آهي جنهن بعد انهن کي پريڪٽس ڪرڻ جي اجازت ملي ويندي. ٽيمون خميس کان پريڪٽس شروع ڪري سگهن ٿيون. براڊڪاسٽرن جي معاملي بعد پي سي بي ۽ پي ايس ايل فرنچائزز جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ باقي رهيل 20 ميچن بابت بريفنگ ڏني وئي. ٽورنامينٽ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن تحت هاڻ فائنل 24 جون تي ٿيندو ۽ هڪ ڏينهن ۾ ٻن ميچن جو انگ گهٽجي ويندو. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم هاڻ ٻن ڏينهن جي دير سان انگلينڊ جي دوري تي رواني ٿيندي، اڳ ۾ ٽيم کي 23 جون تي وڃڻو هو پر هاڻ اها 25 تي رواني ٿيندي
آئيني ترميم جو مسودو اتفاق راءِ سان منظور ،خورشيد شاهه
مولانا سان بلاول جي ملاقات،آئيني ترميمن تي ڳالهيون
جي ڊي اي پاران 6 ڪئنال جي تعمير خلاف بيداري مارچ جو اعلان
مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، عدالت
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
ڀارتي انٽيلجنس اهلڪار تي قتل ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو
سرڪاري نوڪرين لاءِ 15 سالن جي رعايت ۾ اڍائي مهينن تائين واڌ
بشنوئي گينگ جو سلمان سان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ ڀنگ جو مطالبو
شهيدن کانسواءِ سرڪاري ملازمتن ۾ اولاد جي ڪوٽا غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر
عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور