ملتان وارا پي ايس ايل 6 جا سلطان بڻجي ويا، وڏو اپ سيٽ

ابو ظهبي(ويب ڊيسڪ) وڏي دلچسپ مقابلي بعد ملتان سلطان پهريون ڀيرو پي ايس ايل ۾ ڪاميابي ماڻيندي تجربيڪار ۽ موسٽ فيورٽ ٽيم پشاور زلمي کي 47 رنز تان شڪست ڏئي چيمپئن بڻجي وئي. زلمي ٽاس کٽي ملتان کي بيٽنگ لاءِ چيو ۽ هنن چار وڪيٽن تي 206 رنز ٺاهيون. صهيب مقصود 3 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 65 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن ته ٻين نمايان بيٽنگ ڪندڙن ۾ رلي روسو 50، شان مسعود 37 رنز ٺاهيون.ثمين گل 26 رنز تي 2 وڪيٽ ۽ محمد عمران 47 رنز تي 2 وڪيٽ ورتيون.

عمران طاهر پشاور جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. جواب ۾ ڪامران اڪمل زبردست بيٽنگ شروع ڪئي پر ڪجهه دير ۾ ملتان گيم ۾ واپس آيو ۽ سندن وڪيٽون ڌڙا ڌڙ ڪرنديون رهيون ۽ 20 اوورز ۾ 159 رنز تي 9 وڪيٽون ڪري چڪيون هيون. هڙي طرح پشاور کي ملتان 47 رنز تان شڪسٽ ڏئي فائنل ۾ فتح حاصل ڪئي. ملتان جي بالرن عمران خان، مزارباني ۽ عمران طاهر ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون، سهيل تنوير ۽ شاهنواز ڏاهاڻي کي ڪا وڪيٽ نه ملي. پشاور پاران شعيب ملڪ 28 بالن تي 48، ڪامران اڪمل 28 بالن تي 36 ۽ پاوول 14 بالن تي 23 رنز ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيا.

جوابي بيٽنگ ڪندي ڪامران اڪمل ۽ زازئي تباهي مچائي پر شعيب ملڪ 48، ڪامران اڪمل 36 ۽ پاويل 23 رنز اسڪور ڪيون پر آخري بال تي 48 رنز کپن پيون ۽ ملتان سلطان پهريون دفعو پي ايس ايل 6 جو ٽورناميٽ کٽي اپ سيٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو