ڏاهاڻي جو وطن ورڻ تي مختلف شهرن ۾ ڀرپور آڌرڀاءُ

ڪراچي(نمائندن وٽان)پاڪستان سپر ليگ 2021ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري پنهنجي ٽيم ملتان سلطانز جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ليگ جَي بهترين بالر جو اعزاز ماڻيندڙ شاهنواز ڏاهاڻي دبئي کان ڏيهه سنڌ پهتو ته سندس شاندار آجيان ڪئي وئي، شاهنواز ڏاهاڻي جو ڄامشورو، پکو ۽ ٻين شهرن کان ٿيندي پنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي پهتو ته شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن سندس شاندار آجيان ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته والدين جي دعائن سان منزل ماڻي آهي، سنڌي نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي محنت سان اڳتي اچن، مختلف شهرن ۾ آڌر ڀاءُ ڪندڙ دوستن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان سپرليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ڪاميابي ماڻڻ بعد مليل موٽ تي تمام گهڻي خوشي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿيڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان، پرڏيهي دوري دوران وڌيڪ محنت ڪري بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ وڌيڪ نالو ڪمائڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو